حڪومت جو وياج بابت عدالتي فيصلي خلاف اپيلون واپس وٺڻ جو اعلان

0
472
حڪومت جو وياج بابت عدالتي فيصلي خلاف اپيلون
حڪومت جو وياج بابت عدالتي فيصلي خلاف اپيلون واپس وٺڻ جو اعلان

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار وياج خلاف فيصلي تي سپريم ڪورٽ ۾ داخل اپيلون واپس وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي
ميڊيا سان ڳالهائيندي اسحاق ڊار چيو ته اسٽيٽ بئنڪ ۽ نيشنل بئنڪ وفاقي شرعي عدالت جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ داخل اپيلون واپس وٺندي، وفاقي شرعي عدالت وياج خلاف فيصلو ڏنو هو

هن چيو ته پاڪستان ۾ وياج کان پاڪ نظام کي تيزي سان اڳتي وڌايو ويندو، وفاقي شرعي عدالت معيشت کي وياج کان پاڪ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو
ناڻي واري وزير چيو ته گذريل هفتي ان تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ گورنر اسٽيٽ بئنڪ سان روڊ ميپ تي مشاورت ٿي
هن چيو ته هو ملڪ ۾ اسلامي بينڪنگ سسٽم کي اڳتي وڌائي رهيا آهن ۽ فيصلا ڪرڻ جو معيار قرآن ۽ سنت آهي

ھي به پڙھندا

عمران خان جو راولپنڊي دير سان اچڻ اھم حڪمت عملي جو حصو آھي: شيخ رشيد

صحافي ارشد شريف قتل ڪيس ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف

راولپنڊي پهچڻ جي تاريخ ۾ ڪابه واڌ يا ڦير ڦار نه ٿيندي: فواد چوڌري