حڪومت ججز ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: چيف جسٽس

0
296
حڪومت ججز ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: چيف جسٽس
حڪومت ججز ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي: چيف جسٽس

اسلام آباد: چيف جسٽس چيو آهي ته حڪومت ججز ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، وفاقي سرڪار عدليه جي معاملي ۾ ڪوارٽرز جو خيال ڪري، انڪوائري ڪميشن ۾ حڪومت پاڻ ججز چونڊيا، اُن کان اڳ ٽن نوٽيفڪيشنز ۾ حڪومت ججز جا نالا تجويز ڪيا، جِن کي بعد ۾ واپس ورتو ويو

آڊيو ليڪس عدالتي ڪميشن خلاف درخواستن تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس چيو ته چيف جسٽس چيو ته 1956 ايڪٽ آئين جي احترام جي ڳالهه ڪري ٿو، جسٽس اِن نقطي تي بعد ۾ ايندو، وفاقي سرڪار کي گذارش آهي ته آئين جو احترام ڪندي روايتن پٽاندڙ عمل ڪري

 اٽارني جنرل چيو ته ايڪٽ 2017ع کي چئلينج نه ڪيو ويو آهي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالتي ڪميشن جي جوڙجڪ ۾ ڪٿي به لکيل ناهي ته فون ٽيپنگ ڪنهن ڪئي؟ فون ٽيپنگ هڪ غيرآئيني عمل آهي، اهو طئه ڪير ڪندو ته ڪهڙي جج اخلاقي ضابطي جي ڀڃڪڙي ڪئي

چيف جسٽس چيو ته مفروضن جي بُنياد تي آڊيوز کي صحيح مڃيو ويو، حڪومت چيف جسٽس جي اختيارن کي به ريگيوليٽ ڪرڻ لاءِ تڪڙ ۾ قانونسازي ڪئي، عدليه بنيادي انساني حقن جي محافظ آهي

هي به پڙهندا

آڊيو ليڪس عدالتي ڪميشن خلاف درخواستن تي فيصلو محفوظ