اسلام آباد/ لاهور (بيورو رپورٽ+ مانيٽرنگ ڊيسڪ) حڪومت جون پابندي پيل تنظيم تحريڪ لبيڪ سان ڳالهيون: 2 دور ناڪام: اڄ لانگ مارچ جو امڪان، اسلام آباد ۽ راولپنڊي جا مک رستا سيل ڪيا ويا، حڪومت تحريڪ لبيڪ جي سربراهه سعد رضوي جي گرفتاري ۽ تنظيم تي پابندي مڙهڻ کانپوءِ پيدا ٿيل وڳورڻ بعد آخرڪار ڳالهين جو رستو اختيار ڪري ورتو، حڪومت پابندي پيل تنظيم تحريڪ لبيڪ سان ڳالهين ذريعي معاملو حل ڪرڻ جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون، حڪومت ۽ پابندي پيل تنظيم جي اڳواڻن ۾ ڳالهين جا 2 دور ناڪام ٿي ويا آهن، جنهن بعد وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد ۽ مذهبي معاملن واري وفاقي وزير نور الحق پابندي ٽي ايل پي جي اڳواڻن سان ڳالهين جو ٽيون دور شروع ڪيو ويو آهي، پنجاب حڪومت ۽ پابندي پيل تنظيم جي اڳواڻن ۾ ڳالهيون جو پهريون دور بنا نتيجي آچر ڏينهن ئي ختم ٿي ويو هو، جڏهن ته ٻيو دور ڪالهه ٿيو، ان بابت وفاقي وزير فواد چوڌري ٻڌايو ته پنجاب حڪومت ۽ تحريڪ لبيڪ وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دور ختم ٿي ويو آهي، ڳالهين ۾ گورنر پنجاب چوڌري سرور ۽ قانون جو وزير راجا بشارت به حڪومت جي نمائندگي ڪئي. جڏهن ته ٽي ايل پي سان حڪومتي ڪاميٽي جو ٽيون دور شيخ رشيد ۽ نور الحق جي قيادت ۾ لاهور ۾ شروع ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ڳالهين ۾ حافظ طاهر اشرفي به شامل آهي، ذريعن موجب تحريڪ لبيڪ پنهنجي مطالبي تي قائم رهندي حڪومت آڏو 4 شرط رکيا آهن، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته فرانسيسي صدر ايمينوئل ميڪرون پاران گستاخ خاڪن جي حمايت بعد فرانسيسي سفير کي ملڪ بدر ڪيو وڃي، ٻيو مطالبو ڪيو ته پارٽي جي سربراهه سعد رضوي کي آزاد ڪيو وڃي، ٽيون مطالبو ڪيو ته پارٽي تان پابندي ختم ڪري گرفتار ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي، ڪيس به ختم ڪيا وڃن ۽ ڇوٿون مطالبو شيخ رشيد کي گهرو وزارت تان هٽائڻ جو ڪيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت فرانسيسي سفير جي ملڪ بدري ۽ شيخ رشيد کي هٽائڻ وارو مطالبو مڃڻ کان انڪاري آهي، ماحول سازگار نه بڻجڻ ڪري ڳالهين جي نتيجي ۾ وڌيڪ وقت لڳي سگهي ٿو. هوڏانهن ذريعن موجب حڪومت سان ڳالهيون ڪامياب نه ٿيڻ جي صورت ۾ پابندي پيل تنظيم تحريڪ لبيڪ اڄ ڏنل سڏ تحت لانگ مارچ جو اعلان ڪري سگهي ٿي، جڏهن ته حڪومت ان ڏس ۾ قدم کڻڻ شروع ڪيا آهن، اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي اهم رستن کي سيل ڪيو ويو آهي، جاڙن شهرن کي ملائيندڙ فيض آباد ۽ ٻين مک رستن کي ڳري مشينري ۽ ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف گهرو وزير شيخ رشيد وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته تحريڪ لبيڪ سان ڳالهيون شروع ٿي ويون آهن، ڳالهين جو پهريون دور بهتر نموني سان مڪمل ٿيو آهي، يرغمال بڻايل 11 پوليس اهلڪار ڇڏايا ويا آهن، ٽي ايل پي جا ماڻهو مسجد رحمت اللعالمين ۾ اندر هليا ويا آهن، پوليس به پوئتي هٽي وئي آهي.