اسلام آباد (بيورو رپورٽ) هلندڙ مالي سال 2020-21ع جي مڪمل ٿيڻ ۾ 2 مهينا 20 ڏينهن باقي وڃي بچيا آهن، وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ منظور ٿيل 6 کرب 50 ارب مان 5 کرب 94 ڪروڙ 29 لک رپيا جاري ٿي سگهيا آهن، رٿابندي ڪميشن پاران هلندڙ مالي سال جي 9 اپريل 2021ع تائين منظور ٿيل وفاقي ترقياتي پروگرام جي منصوبن لاءِ جاري ٿيل رقم جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا آهن، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ مالي سال جي وفاقي ترقياتي پروگرام لاءِ 6 کرب 50 ارب جي رقم منظور ٿيل آهي، جنهن مان 9 اپريل 2021ع تائين 5 کرب 94 ڪروڙ 29 لک رپيا جاري ٿي سگهيا آهن، جن مان وفاقي وزارتن جي منصوبن لاءِ مجموعي طور تي 3 کرب 21 ارب 55 ڪروڙ جاري ٿيا آهن، جڏهن ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، اين ٽي ڊي سي ۽ پيپڪو جي ترقياتي منصوبن لاءِ هڪ کرب 48 ارب 64 ڪروڙ 99 لک رپيا جاري ٿيا آهن، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان جي ترقياتي منصوبن لاءِ 29 ارب 54 ڪروڙ 24 لک رپيا جاري ٿيا آهن، جڏهن ته ارا جي منصوبن لاءِ هڪ ارب 20 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا آهن، هلندڙ مالي سال دوران هن وقت تائين سڀ کان وڌيڪ رقم پاڻي وزارت جي منصوبن لاءِ 64 ارب 81 ڪروڙ 20 لک، ناڻي وزارت جي منصوبن لاءِ 52 ارب 51 ڪروڙ 82 لک، پلاننگ ڪميشن جي منصوبن لاءِ 24 ارب 68 ڪروڙ 84 لک رپيا، ڪيبنيٽ ڊويزن جي منصوبن لاءِ 24 ارب 14 ڪروڙ 39 لک جاري ٿي آهي، جڏهن ته ريلوي وزارت جي ترقياتي منصوبن لاءِ 16 ارب 47 ڪروڙ، صحت وزارت جي منصوبن لاءِ 12 ارب 70 ڪروڙ، ڪشمير مامرن جي وزارت لاءِ 10 ارب 72 ڪروڙ، گهرو وزارت جي منصوبن لاءِ 11 ارب 80 ڪروڙ، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي منصوبن لاءِ 22 ارب 49 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا ويا، جڏهن ته پرڏيهي وزارت جي منصوبن لاءِ سڀ کان گهٽ رقم جاري ٿي جيڪا هڪ ڪروڙ 3 لک رپيا آهي، ٻئي نمبر تي نارڪوٽيڪس ڪنٽرول جي منصوبن لاءِ 4 ڪروڙ 13 لک جاري ٿيا آهن. ياد رهي ته هلندڙ مالي سال 2020-21ع 30 جون تي مڪمل ٿيندو، جنهن جي مڪمل ٿيڻ ۾ رڳو 2 مهينا 20 ڏينهن وڃي بچيا آهن پر اڃا تائين منظور ٿيل ساڍا 6 کرب جي ترقياتي بجيٽ مان 5 کرب جاري ٿي سگهيا آهن، مجموعي طور تي ڏيڍ کرب جي لڳ ڀڳ رقم جاري نه ٿي سگهي آهي، مئي مهيني کان پوءِ اها رقم جاري ٿيڻ جي صورت ۾ اها رقم استعمال نه ٿي سگهڻ جو امڪان آهي.