اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ اسلام آباد پهچڻ کان اڳ اسلام آباد ۾ ريڊ زون جي حدن ۾ واڌ ڪري زيرو پوائنٽ تائين جي علائقن کي ريڊ زون قرار ڏئي ڇڏيو آهي، تفصيل موجب وفاقي حڪومت اسلام آباد ۾ ريڊ زون جي حدن ۾ واڌ ڪندي فيصل ايونيو، مارگلا روڊ، بري امام، ففٿ ايونيو ۽ زيرو پوائنٽ جي علائقن کي به ريڊ زون جو حصو قرار ڏئي ڇڏيو آهي، پهريان ڊي چوڪ، شاهراهه دستور، پاڪ سيڪريٽريٽ سميت ان سان لڳندڙ ڀروارن علائقن کي ريڊ زون تصور ڪيو ويندو هو، هاڻي اسلام آباد جون مشهور مارڪيٽون جن ۾ آبپاره، ميلوڊي  کان وٺي زيرو پوائنٽ جا علائقا ريڊ زون قرار ڏنا ويا آهن، ضلعي انتظاميا چيو آهي ته ريڊ زون قرار ڏنل علائقن ۾ به قلم 144 لاڳو رهندو، ريڊ زون جي علائقن ۾ ريلي، جلسا يا جلوس ڪڍڻ جي اجازت نه هوندي.