اسلام آباد (م ڊ) آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان ۾ ڳالهيون مڪمل، آءِ ايم ايف پروگرام جي هلندڙ هفتي منظوري جو امڪان آهي، جنهن جي تصديق ناڻي واري وزارت ڪري ڇڏي آهي. اسٽاف ليول معاهدو ٿيندي ئي آءِ ايم ايف مشن پاڪستان کي هڪ ارب 10 ڪروڙ ڊالر جاري ڪرڻ جي سفارش ڪندو. اپريل جي پهرئين هفتي ۾ ايگزيڪيوٽو بورڊ مان منظوري ۽ فوري طور رقم ملڻ جو امڪان آهي. ناڻي واري وزارت جي اختيارين موجب آءِ ايم ايف کي 30 جون 2023 تائين دوست ملڪن کان ملندڙ فنڊنگ جي تصديق ڪرائي وئي آهي. آءِ ايم ايف عالمي مالياتي ادارن کان ٿيندڙ فنڊنگ جي شيڊيول جي تصديق ڪري رهيو آهي. اختيارين موجب پاڪستان طرفان آءِ ايم ايف جي اڳواٽ شرطن تي مڪمل عملدرآمد ٿي چڪو آهي. هوڏانهن آءِ ايم ايف جي چوڻ تي وفاقي ڪابينا لگزري شين تي سيلز ٽيڪس 25 سيڪڙو ڪرڻ جي منظوري به ڏني. وفاقي ڪابينا کان 25 سيڪڙو سيلز ٽيڪس جي نوٽيفڪيشن لاءِ سرڪوليشن سمري جي منظوري ورتي وئي، جنهن کانپوءِ هاڻ ايف بي آر نوٽيفڪيشن جاري ڪندو ۽ نئين شرح پهرين مارچ کان لاڳو ٿيندي. لگزري شين تي سيلز ٽيڪس وڌائڻ سان ايف بي آر کي 4 مهينن ۾ 15 ارب رپين جي آمدني ٿيندي. ذريعن موجب درآمد ٿيل ۽ مقامي تيار 1400 سي سي گاڏين تي به سيلز ٽيڪس 25 سيڪڙو ٿي ويندو، امپورٽڊ اليڪٽرانڪس سامان، امپورٽڊ ميڪ اپ جي سامان تي سيلز ٽيڪس 25 سيڪڙو ٿي ويندو. ان کانسواءِ پالتو جانورن جي امپورٽڊ خوراڪ، امپورٽڊ شوز، امپورٽڊ ليڊيز پرس، شيمپو، صابڻ، لوشن، امپورٽڊ هيڊ فونز، آءِ پوڊ، اسپيڪرز، دروازن ۽ درين تي به سيلز ٽيڪس 25 سيڪڙو ٿي ويندو. سمري موجب امپورٽڊ لگزري ٿانون، باٿ فٽنگز، امپورٽڊ ٽائلز، سينيٽري سامان، فانوس ۽ فينسي لائٽس تي به سيلز ٽيڪس 25 سيڪڙو ٿي ويندو.