حڪومتي نااھليءَ جي ٻوڏ ۾ لڙھندڙ خاندان، حڪومتي دعوائون ۽ عدالتي حڪم

0
174
مھانگائيءَ جي ٻوڏ ۾ لڙھندڙ عوام ۽ تماشو ڏسندڙ حڪمران

 دنيا کان پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي امداد ملڻ وارو سلسلو جاري آھي، پر ھن وقت تائين متاثرن تائين امداد پھچائڻ لاءِ ڪا جامع حڪمت عملي تيار ناھي ڪئي وئي، جنھن ڪري متاثرن ۾ بي يقيني واري صورتحال پيدا ٿيل آھي. وزير اعظم پاڪستان شھباز شريف طرفان پھرئين مرحلي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت متاثرن کي 25 ھزار روپيا مدد ڏيڻ جو اعلان ڪري وڏي دعويٰ سان چيو ھو ته صاف ۽ شفاف طريقي سان اُھا امداد حقدارن تائين پھچندي پر ائين ناھي ٿيو. ھر ھنڌ امداد مان ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي. جنھن ڏينھن وزير اعظم اِھا دعويٰ ڪئي اُن ڏينھن ئي مون پنھنجي لکڻيءَ ۾ مثال سان پڙھندڙن کي ٻڌايو هو ته اڳ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان سرڪاري آفيسرن توڙي بااثر ماڻھن به فائدو حاصل ڪيو، جيتوڻيڪ اِھا رقم مستحقن جي لاءِ ھئي. ھن ڀيري به پراڻي ڊيٽا تحت ورھاست وارو سلسلو جاري آھي. اڃا ھزارين متاثر خاندان اھڙا آھن جن کي اِھا پھرين مرحلي واري رقم به ناھي ملي، ھن وقت به سنڌ جا ڪيترائي شھر ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏل آھن، جن جو زميني رستو ٻين شھرن سان مڪمل طور ڪٽجي ويو آھي. جِتي ٻوڏ وارو پاڻي 5 کان 9 فوٽن تائين بيٺل آھي، اُتي بينظير انڪم سپورٽ پروگرام واري اِھا رقم پھچندي؟ حڪومت ٻوڏ متاثر علائقن جي بحالي لاءِ عملي قدم کڻڻ بجاءِ صرف ۽ صرف دعوائون ۽ اعلان ڪرڻ ۾ پوري آھي. ھِتان ڪٽ ھڻون، ھُتان ڪٽ ھڻون، ھنن علائقن کي ٻوڙيون، ھنن علائقن کي ٻوڙيون ٻيو ڪو به ھنن وٽ حل ناھي بچيو. حل نڪري به ڪيئن؟ حڪومتي دورن ۾ ھنن اھڙا ڪي ڪم ڪيا ھجن ته اُنھن وٽ ڪو ٻيو رستو بچي. برساتي نالن، سرڪاري زمينن، ملڪيتن تي ھٿ وٺي قبضا ڪرائي يا پنھنجا ماڻھو ويھاريا ويا، يا وري رشوت عيوض انھن کي ويھڻ جي اجازت ڏني وئي. يعني اڳواٽ وفاقي حڪومت ھجي يا سنڌ حڪومت انھن وٽ اھڙين آفتن کي منھن ڏيڻ جي لاءِ ڪابه حڪمت عملي ناھي جو آفت سٽيل علائقن ۾ ٻيو ته ٺھيو صرف کاڌ خوراڪ ئي پھچائي سگھن. جيڪڏھن سنڌ واسي برسات متاثر حڪومت جي آسري تي مانيءَ جو انتظار ڪن ھا ته شايد بک وگھي مري وڃن ھا پر انھن تائين کاڌو نه پھچي ھا.

سنڌ جي مخير ماڻھن پنھنجي ڌرتيءَ، ماروئڙن سان سچو ھجڻ جو ثبوت ڏئي انھن جي ھر ممڪن مدد ڪئي آھي. اين جي اوز، فلاحي تنظيمن به وس آھر ڪوششون ڪيون آھن. باقي مين اسٽريم ميڊيا يا سوشل ميڊيا تي اِھي ئي دانھون، شڪايتون عام آھن ته حڪومت طرفان امداد نه پئي ملي. ٽينٽ سٽي جي ڊي سي، الخدمت يا ٻين تنظيمن طرفان لڳائي پئي وڃي پر اُتي نڪ جي پڪائي ڪري سياستدان پھچن ٿا ته اسان جي تعاون سان اِھو ڪم جاري آھي. اڙي بابا! توھان کي ٻاھرين ملڪن کان وڏي پئماني تي جيڪي ٽينٽس، ترپال، ڪمبل يا آفت سٽيلن کي بھترين سھولتون مھيا ڪرڻ لاءِ سامان مليو آھي اُھو ڪٿي آھي؟ ڇو اِھو سامان ورھائڻ بجاءِ گودامن ۾ رکيو ويو جو دادو جي عوام مجبوري ٿي گودامن جا تالا ٽوڙي سامان ڪڍيو! ھميشه ھر نِت نون طريقن سان ڪرپشن جا طريقا ايجاد ڪري توھان پنھنجا گھر ڀريا ۽ پنھنجن خاص ماڻھن کي نوازيو. ايترا سال گھٽ آھن جو ھن ڏکي گھڙي کي به توھان ڪمائي جو ذريعو بڻايو آھي! چوڻ وارا ته چون ٿا ھي ڏکيو وقت صرف غريب، پورھيت ۽ وچولي طبقي جي عوام جي لاءِ آھي، انھن جي لاءِ قيامت وارن ڏينھن جي برابر آھن، باقي اڪثر حڪمرانن، انھن جي خاص ماڻھن، واٺن جي لاءِ ڄڻ ته سيزن آھي. اِتي سوال پيدا ٿئي ٿو ته اِھو ڀلا ڪيئن؟ اِھو ائين ته سڀني متاثرن تائين ته ھي کاڌو پھچائڻ ۾ ناڪام آھن پر جِتي پھچائين ٿا اُتي 5 کان 8 ھزار واري ديڳ 10 کان 15 ھزار يا اِن کان به وڌيڪ جي ڏيکاري پئي وڃي. اھڙي طرح ئي ٻين شين جي خريداري توڙي ڪوڙن بلن ذريعي پنھنجا ھن ڏکي وقت ۾ به گھر ڀرڻ وارو سلسلو جاري آھي.

اھي به ڳالھيون گردش ڪري رھيون آھن ته پلاننگ مڪمل ڪئي وئي آھي ته جيڪي روڊ رستا، ترقياتي اسڪيمون آن گوئنگ يعني ھلندڙ ھيون اُھي ڪاغذي ڪارروائي ۾ مڪمل ڏيکاري برسات ۽ ٻوڏ جي تباھ ڪارين واري لسٽ ۾ خاموشيءَ سان ظاھر ڪري انھن جا مڪمل بل پنھنجي خاص ٺيڪيدارن کي ڏياريندا ۽ وري نئين سر انھن ڪمن جا ٽينڊر ڪري نوان ٺيڪا جاري ڪيا ويندا. اِھي ڳالھيون ڪيتريون صحيح آھن اِھو ايندڙ وقت ٻڌائيندو. باقي حڪمرانن جي پريڪٽس ائين رھي آھي. ھڪ روڊ تي ڪاغذي ڪاروائيءَ ۾ ڪافي ڀيرا مڪمل ڄاڻائڻ، غيرمعياري، ڪارپيٽڊ روڊ ٺاھڻ معمول بڻيل آھي. ھڪ ڀيري ھڪ گڏجاڻيءَ ۾ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ کي چيو ويو ته سائين سکر ۾ ميوزيم جي ضرورت آھي، تنھن ڪري ھِتي قائم ڪيو وڃي، مراد علي شاھ پنھجي ليپ ٽاپ ۾ چيڪ ڪري کين ٻڌايو ته ميوزيم ته سکر  کي ڏنل آھي جنھن تي ٻڌندڙن تعجب، حيرت ۽ لاعلميءَ جو اظھار ڪيو. جنھن تي وڏي وزير ھڪ ھڪ ڪري لاڳاپيل عملدارن کان موقعي تي پڇا ڪئي پر حيرت جي ڳالھه آھي انھن به لاعلميءَ جو اظھار ڪيو. جنھن تي باقاعدا اخبارن ۾ “گوسٽ ميوزيم” جي نالي سان خبرون شايع ٿيون. عجب ڪرپشن جي غضب ڪھاڻي سامھون اچڻ کان پوءِ نيٺ اُھو ميوزيم ھڪ عمارت ۾ ظاھر ڪيو ويوم جيڪو ھن وقت تائين غير فعال آھي. خير اِن سميت ڪافي ڪرپشن جا وڏا اسڪينڊل اخبارن ۾ ۽ چئنلن ۾ منظر عام تي اچي چڪا آھن پر اِھو سلسلو رڪجڻ بجاءِ وڌندو پيو وڃي، تنھن ڪري ئي عوام ۾ ھڪ بي يقيني واري صورتحال آھي.

وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن کي ٻاھرين ملڪن کان ھڪ وڏي امدادي رقم توڙي سامان مليو آھي، پر عوام تائين ڇا پھچندو جنھن تي وڏو بحث ھلندڙ آھي. سوشل ميڊيا تي ته اِھا ڳالھه وڏي ڦھليل آھي ته حڪومت ڏنو فنڊ ڊي سي کي، ڊي سي پنھنجو حصو ڪٽي ڏنو مختيارڪار کي، مختيارڪار پنھنجو حصو ڪٽي ڏنو مقامي حڪمران پارٽيءَ جي اڳواڻ کي ۽ اڳواڻ وري پنھنجو حصو ڪٽي ڏنو پنھنجي چمچي کي، چمچي چيو چڙھي گھم چڙهي گھم. پر منھنجي خيال ۾ ڳالھه اِن کان به وڌيڪ آھي. حڪومتي فنڊ ڊي سي وٽ ته پھچي ٿو پر ڊي سي کي اختيار ئي ناھي جو ھو پنھنجي مرضيءَ سان اِھو فنڊ متاثرن ۾ ورھائي سگھي. ڇو جو چونڊيل نمائندا ايترا ته بااثر آھن جو ڊي سيز کي پنھنجي ھائوسز تي گھرائي پنھنجو حساب ڪتاب سمجھائين ٿا ۽ اُن تي عمل درآمد کي يقيني بڻائڻ جي ھدايت ڪن ٿا. جيڪڏھن ڊي سي ائين نه ڪندو ته کيس رھڻ نه ڏنو ويندو. ڪنھن دوست فون ڪري ٻڌايو ته مون تباھ حال متاثرن جي لاءِ ڊي سي کي درخواست ڏني ته ھو پاڻ وزٽ ڪري متاثرن کي ٽينٽ ۽ خيما ڏئي ڇو جو ھو کليل آسمان ھيٺ ويٺل آھن. جنھن تي ڊي سي کائنس معذرت ڪندي چيو ته فلاڻي سياستدان کي چئو منھنجي ھٿ ۾ ناھي. چلو ٺيڪ آھي عوام کي حڪومت ۾ مفت ۾ کاڌ خوراڪ رليف فراھم ڪرڻ جيتري سگھه ناھي پر تاجرن کي ته پابند بڻائي سگھي ٿي ته سستي، مناسب اگھن تي کاڌ خوراڪ جون شيون فروخت ڪيون وڃن. پر مجال آھي جو حڪومت بليڪ مارڪيٽنگ ڪندڙن خلاف ڪو قدم کڻي ڇو جو وڏا وڏا ڪاروبار حڪمرانن جا پنھنجا يا پنھنجن خاص ماڻھن جا آھن. ڏيکاءُ جي لاءِ ته قدم کڻي سگھي ٿي پر عملي طور تي جيڪڏھن حڪومت قدم کڻندي ته روزانو جي بنياد تي ملندڙ ڪروڙين روپين کان انھن حڪمرانن کي ھٿ ڌوئڻو پوندو، جيڪو ھو ڪڏھن به نه چاھيندا. اربين روپين جي ڪڻڪ گودامن ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب ڀلي تباھ ٿئي پر متاثرن ۾ مفت يا سستي اگھن تي اٽو فراھم ڪرڻ جي لاءِ به ھنن حڪمرانن ھن وقت تائين تحرڪ ناھي ورتو. ڇو وٺندا؟ صرف خوراڪ کاتي مان ئي حڪومتي ڌر جا اھم ماڻھو توڙي انھن جا خاص ماڻھو ڪک پتيءَ مان ارب پتي بڻجي ويا آھن. اوڌر تي مختلف وقتن تي ڪڻڪ کڻي حڪومت کي ھڪ ٽڪو به واپس ناھي ڪيو ويو. سنڌوءَ، ڪئنالن جي بندن جي بچنگ، ڊي سلٽنگ، مشينري جي مينٽيننس سميت مختلف مامرن ۾ اربين روپيا ته جاري ٿيا پر نتيجو توھان جي سامھون آھي. جيڪڏھن ڪرپشن ڪٿي ظاھر به ٿئي ٿي ته آڊٽ وارا به ھنن جا پنھنجا آھن، فقط ھڪ حصو وڌائڻو آھي. اندازو لڳايو وقت جي چيف جسٽس جڏھن ھوٽل تي ڇاپو ھنيو ھو ته هڪ بوتل ملي هئي جڏھن چڪاس ڪرائي وئي ته اُھا ماکي ٿي وئي. ھِتي حڪمرانن سموري نظام کي ئي مفلوج، يرغمال بڻائي ڇڏيو آھي. ڪرپشن، رشوت، منافعي خوري، ڪميشن کي پنھنجو حق سمجھي وصول ڪرڻ وارو سلسلو جيئن جو تيئن جاري آھي.

عجب ڪرپشن جون غضب ڪھاڻيون اڻ ڳڻيون آھن، وري ڪنھن ٻئي دفعي بيان ڪبيون. ھِتي سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ برسات متاثرن طرفان داخل ڪرايل پٽيشن جي ٻڌڻيءَ جو احوال به پڙھندڙ آڏو رکندس. سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ سکر ڊويزن ۽ ميرپور خاص ضلعي جي برسات متاثرن طرفان الڳ الڳ داخل ڪرايل پٽيشنن جي جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس شمس الدين عباسي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي، گذريل ٻڌڻيءَ تي عدالت تعلقي سطح تي ڪمشنر سکر ۽ شھيد بينظيرآباد ڊويزن کي حڪم ڏنو ھو ته ٽينٽ سٽي قائم ڪري برسات ۽ ٻوڏ متاثرن کي سموريون سھولتون فراھم ڪيون وڃن. ڪالھه واري ٻڌڻي دوران عدالتي حڪم تي ڪيترو عمل ٿيو ۽ ڪيتريون ٽينٽ سٽيز لڳيون. عدالت پاران آفيسرن کان پڇاڻو ڪيو ويو، عدالت ۾ موجود انتظامي آفيسرن ٻڌايو ته ڪجھه تعلقن ۾ ٽينٽ سٽي قائم ڪري متاثرن کي سھولتون فراھم ڪيون ويون آھن، جنھن تي سينيئر وڪيل شبير شر عدالت کي ٻڌايو ته ھي ڪوڙ پيا ڳالھائين، ٻوڏ متاثرن جي ڪا به مدد ناھي ٿي، ماڻھو مري رھيا آھن، عدالت ڪئنالن کي ڪٽ لڳائڻ کان منع ڪيو ھو، پر اِن باوجود عدالتي حڪم جي خلاف ورزي ڪندي سم نالن، ڪئنالن کي ڪٽ لڳائي ھٿ سان شھرن ۽ ڳوٺن کي ٻوڙيو پيو وڃي. قيمتي انساني جانيون، ماڻھن جون ملڪيتون تباھ ٿي ويون آھن، چوپايو مال مري ويو آھي، نالن تي قبضا ڪري پاڻي جو قدرتي رستو بند ڪرڻ سبب ھي نوبت آئي آھي. سينيئر وڪيل نثار احمد ڀنڀرو چيو ته سنڌ جا سمورا روڊ رستا ٻڏي ويا آھن اچڻ وڃڻ ممڪن ناھي رھيو، شھرن، ڳوٺن جو زميني رستو ڪٽجي ويو آھي. بک وگھي مرندڙن کي 10 روپين وارو بسڪيٽ جو پيڪيٽ 50 روپين ۾ به ملڻ مشڪل آھي، کاڌ خوراڪ جي شين جي شديد کوٽ پيدا ٿي وئي آھي، منافعي خور بليڪ تي شيون وڪرو ڪري رھيا آھن. جسٽس ظفر احمد راجپوت ذميوار آفيسرن مٿان سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته توھان عوام جا ملازم آھيو ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ وزيرن جا ملازم ناھيو، پاڻ کي انھن جا ملازم نه سمجھو، ٻوڏ متاثرن جو سامان سرڪاري آفيسن مان نڪري ڪيڏانھن ويندو آھي سڀ خبر آھي. امدادي سامان وڏيرن جي اوطاقن، بنگلن ۽ گودامن ۾ رکيو ويندو آھي. انسانيت جو ڪنھن کي فڪر ناھي، ڇا توھان ماڻھن کي مارڻ چاھيو ٿا؟ متاثر روڊن جي ڪنارن تي ويٺل آھن ۽ حادثن جو شڪار ٿي رھيا آھن، ڇا توھان چاھيو ٿا ته روڊ حادثن ۽ نانگ ڪکڻ سبب ماڻھو مرن، انساني زندگي وڏي قيمتي آھي انھن کي بچايو وڃي. سنڌ ھاءِ ڪورٽ بئنچ سکر طرفان گذريل ٻڌڻيءَ تي تعلقي سطح تي ٽينٽ سٽي قائم ڪري انھن کي سمورين سھولتن جي فراھمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي نگرانيءَ ۾ ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ، مختيارڪار، پي ڊي ايم اي جو فوڪل پرسن، تعلقا بار ايسوسئيشن جو صدر ۽  ايم ايس ميمبر طور ڪاميٽيون ٺاھڻ ۽ ڊپٽي ڪمشنرز توڙي ايس ايس پيز امداد جي غلط استعمال توڙي متاثرن جو سامان وڪرو ڪندڙن مٿان ايف آءِ آرز داخل ڪري سندن خلاف ڪاروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو ھو. تازي ٻڌڻي دوران سنڌ ھاءِ ڪورٽ بئنچ سکر جي جج جسٽس ظفر احمد راجپوت سرڪاري وڪيل، عملدارن جي بريفنگ بعد ريمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏھن ايم اين ايز، ايم پي ايز بحالي ڪاميٽي ۾ شامل ٿيندا ته اُھي ماڻھن سان گڏ پنھنجو فائدو به ڳولھيندا. جنھن بعد عدالت انتظامي عملدارن ڪمشنر ۽ ڊي سيز کي حڪم ڏنو ته متاثر علائقن مان پاڻي نيڪال ڪري روڊ رستن تي ويٺل متاثرن کي ٽينٽ سٽيز ۾ منتقل ڪرڻ سميت سموريون سهولتون فراهم ڪري 14 سيپٽمبر تي رپورٽ جمع ڪرائي وڃي.