حڪومتي منصوبابندي ۾ نظرانداز ٿيل “اسپيشل پرسنس”

0
185
حڪومتي منصوبابندي ۾ نظرانداز ٿيل “اسپيشل پرسنس”

هن جي چهري تي ماسڪ لڳل هو، اکين جي چمڪ ۽ آواز ۾ اعتماد، هن کي نمايان ڪري رهيو هو. هن جي اکين ۾ اعليٰ تعليم ۽ روشن مستقبل جا خواب ڪرڻن جيان جرڪي رهيا هُئا. هُوءَ نه زندگيءَ کان مايوس هُئي ۽ نه ئي وري هن کي زندگيءَ کان ڪا شڪايت، نه زماني جي براين جو ذڪر پر هن چيو ته، هُوءَ ڪم ڪرڻ ٿي چاهي، پاڻ پنهنجي گهر لاءِ معاشي طور تي سگهاري ٿي پنهنجي گهر ڀاتين جي مدد ڪرڻ ٿي چاهي. هُوءَ هميشه کان ائين نه هُئي پر اوچتو مايوپيٿي (هڪ بيماري) جنهن ۾ انسان جا اعصاب ڪمزور ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن، جو شڪار ٿي ۽ سندس پيرَ پنهنجي سگهه وڃائڻ لڳا. آهستي آهستي هن کي ويل چيئر جو سهارو وٺڻو پيو. عام ماڻهن کي هلڻ چلڻ وقت جڏهن ڪا ڏُکيائي محسوس نٿي ٿئي، گاڏين ۾ چڙهڻ، روڊ رستا ڪراس ڪرڻ، اسپتال وڃڻ، شاپنگ سينٽرن ۾ وڃڻ، هر جاءِ تي چرپر ۾ ڪا به رُڪاوٽ نٿي ٿئي پر جيڪي ماڻهو ويل چيئر تي آهن. اُنهن کي سڀني حالتن تائين چرپر لاءِ پهچڻ لاءِ جتن ڪرڻا پوندا آهن، هُنَ جي زندگي به اوچتو ئي اوچتو تبديل ٿي وئي. هن  BSC مڪمل ڪرڻ کانپوءِ نرسنگ جي ڊپلوما جي تياري شروع ڪئي. ڪڏهن ڪڏهن هلڻ ۾ تڪليف ٿيندي هيس. آهستي آهستي پيرن مان ست ساهه نڪرندو محسوس ٿيس. تڪليف ۽ بيماري به هن  جي حوصلي کان هارائي ويا. هُن ان بيماريءَ جو علاج به ڪرايو. مزدور طبقي سان تعلق رکندڙ خاندان لاءِ اهو تمام ڏُکيو هو ته، ٻين خرچن سان گڏ ڌِيءَ جو علاج ڪرايو وڃي، ڇو ته اڪثر ڪري ڌيئرن کي گهٽ اهميت ڏني ويندي آهي پر هُنَ جيان ان جا مائٽ به بهادر هئا، جن ڌيءَ جو حوصلو ٽُٽڻ نه ڏنو. هُنَ نرسنگ جو ڊپلوما مڪمل ڪيو ۽ ان ۾ اسپيشلائيزيشن به جاري رکي، ان سان گڏوگڏ ڪمپيوٽر جو ڪورس به ڪندي رهي. جديد دنيا سان رابطي ڪاريءَ لاءِ اڪثر نوڪرين جي حاصلات لاءِ اڄڪلهه ڪمپيوٽر جو ڪم به اچڻ لازمي آهي. هُوءَ ذهين به آهي ۽ باهمت به. پبلڪ سروس ڪميشن ۾ آيل مختلف پوسٽن لاءِ هن اپلاءِ ڪيو آهي. تعليم کاتي ۾ آيل پوسٽن لاءِ پڻ اپلاءِ ڪيو اٿس.

اسان وٽ سرڪاري عمارتن ۾ اسپتالون، شاپنگ سينٽر، رهائشي پلازا ۾ ڪٿي به اهڙيون سهولتون نه هونديون آهن، جتي ويل چيئر تي هلڻ وارا سهولت سان هلي سگهن. هُن کي به تمام دشوارين کي مُنهن ڏيڻو پوي ٿو. عام حالتن ۾ اسين ڪڏهن به انهن ڳالهين تي نه سوچيندا آهيو، نه ڪڏهن هڪ لمحي لاءِ انهن ماڻهن جي جذباتي ۽ نفسياتي ڪنهن کي محسوس ڪندا آهيون. اهي انسان جيڪي مڪمل دماغ رکن ٿا، سڀ حواس سلامت اٿن، ٿورڙي جسماني ڪمزوري ۽ ڪمي جي ڪري اسان انهن کي ڪنهن بيجان شئي جيان گهر جي ڪُنڊ ۾ اُڇلائي ڇڏيندا آهيون، عام رويا اهڙا ئي هوندا آهن ته جيڪو ماڻهو هلڻ ڦرڻ کان لاچار هوندو آهي يا پوءِ اهو وڏي عمر جو هجي يا نوجوان، ان کي دنيا کان پري سمجهيو ويندو آهي. ائين لڳندو آهي ته ڄڻ ان ٿورڙي جسماني ڪميءَ جي ڪري دُنيا جون خوشيون ۽ گڏجاڻيون اُنهن لاءِ ممنوع ٿيل هجن.

هُن سان ٿيل ملاقات هڪ اين جي اوز جي انڊپينڊينٽ لانگ سينٽر ۾ ٿي هئي، ان سينٽر ۾ ٻيا به 62 انسان موجود هئا، جن ۾ جيئڻ جي چاهه هئي، زندگيءَ سان پيار هو. ڪيترائي انسان جيڪي گهڻو ڪُجهه ڪرڻ چاهين ٿا پر چرپر جي سهولت نه هجڻ جي ڪري محدود ٿي وڃڻ ٿا. ويل چيئر تي هلڻ لاءِ خاص ريمپ ڪٿي به ٺهيل ناهي. تعليمي ادارا به اهڙين سهولتن کان وانجهيل آهن. انڊپينڊينٽ لانگ سينٽر جي مئنيجر لال محمد مطابق: هن وقت پاڪستان ۾ ساڍا ٽي ڪروڙ ڊسيبل پرسن موجود آهن ۽ سنڌ ۾ انهن جو تعداد 90 لک آهي. حيدرآباد ۾ اڍائي لک ماڻهو ڊسيبلٽي جو شڪار آهي. هي لکين ماڻهو جن لاءِ سنڌ اسيمبليءَ مان 24 مئي 2018ع تي منظور ٿيڻ ۽ 7 جون 2018ع تي گورنر طرفان به منظور ٿيل سنڌ امپاورمينٽ آف پرسنس آف ڊسيبلٽي بل 2018ع سنڌ جي مقننه جي ايڪٽ طور شايع ٿيو. هِي ايڪٽ سڄي سنڌ ۾ لاڳو ٿيندو. هن ايڪٽ مطابق، ڊسيبل پرسنس کي سڀ برابري جا حق حاصل هوندا  ۽ تعليمي، سماجي، اقتصادي ۽ ٻين سڀني سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جو حق حاصل هوندو.. ان کان علاوه انصاف تائين رسائيءَ کي پڻ حڪومت يقيني بڻائيندي. ان کان علاوه حڪومتي ذميواري هوندي ته معذور، عورتن، ٻارن ۽ بزرگ ماڻهن کي ڪميونٽيءَ ۾ آزادنه طور رهڻ جو حق ملي ۽ هُو راندين ۽ تفريحي سرگرمين ۾ برابر حصو وٺي سگهن.

الميو اهو آهي ته حڪومتي سطح تي انهن ماڻهن لاءِ ڪا به نمايان ڪوشش نظر نٿي اچي. ادارا موجود آهن. وزارتون پڻ موجود آهن پر ڪم جي ورهاست ۽ منصوبا بندي جي کوٽ آهي. ڪيترائي اهڙا ماڻهو آهي. جيڪي رجسٽرڊ ٿيل نه آهن. ڪيترائي اهي جن کي جبري طور تي پنڻ تي لڳايو ويندو آهي. انهن مافيائن کان سڀ واقف آهن. هر گهٽيءَ هر چوراهي تي هر سگنل تي ڪجهه مجبور ماڻهو نظر ايندا آهن پر انهن تي غور ڪو به نه ڪندو آهي، انهن جو درد، انهن جا جذباتي مسئلا سڀ اُنهن جي انهن اڌما ڏيندا رهندا آهن پر ان جي باوجود اهي چند خوشنصيب، جيڪي ڪنهن سينٽر ۾ پهچي ويندا آهن، اهي ڪجهه نه ڪجهه ڪم ڪري سگهندا آهن. باقي جن جو ڪو به ڌڻي سائين نٿو ٿئي، اُهي روڊن رستن تي ڌڪا ٿاٻا کائيندا نظر ايندا آهن.

عمارتو ٺاهڻ وقت ڪنهن به بلڊر يا سرمائيدار جو ذهن انهن معصوم روحن ڏانهن نه ويندو آهي، جيڪي صرف ۽ صرف هلڻ جي سگهه کان محروم آهن، جيڪي ٿوري سهولت ملڻ سان پنهنجي زندگي ڪيتري نه آسان بنائي سگهن ٿا، هن کي به پبلڪ ٽرانسپورٽ استعمال ڪرڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي سينٽر وٺي وڃڻ جي لاءِ ته سينٽر جي گاڏي ميسر آهي پر عام زندگيءَ جي ضرورتن جي پورائي لاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ ۾ اسپيشل ماڻهن لاءِ ڪا به سهولت ميسر نه آهي.

دنيا کي اسٽيفن هاڪنگ وسريو نه هوندو جنهن کي موٽر نيورل ڊزيز هئي. هُو برطانيا جو سائنسدان هو، جنهن بليڪ هول تي ڪم ڪيو ۽ 1988ع ۾ “بريف هسٽري آف ٽائيم” نالي ڪتاب لکيو ۽ ريسرچ ڪيائين، بيماري جي حالت ۾ جڏهن هن جي جسماني چرپر ختم ٿي وئي، ته به ٽيڪنالاجيءَ جي مدد سان حڪومت ادارن هن جي اکين جي پنبڻين جي چرپر ۽ ڳلن جي چرپر، آڱوٺي جي اشاري سان هن جي دماغ ۾ هلندڙ آواز کي ڪمپيوٽر لکي وٺندو هو. هن جي سوچ هن جي عقل کان حڪومت آخري وقت تائين ڪم ورتو، اها سائنسي ترقي آهي، جنهن کان اسين گهڻو پري آهيون. خبر ناهي ته ڪيترا اسٽيفن هاڪنگ هنن خاص ماڻهن ۾ لڪل هجن، جيڪي اسان جي ملڪ کي گهڻو ڪجهه ڏئي سگهن ٿا پر اسين صرف انهن کي هلڻ لاءِ، چرپر لاءِ جديد سهولتون به نه پيا ڏئي سگهون، شايد ڪڏهن نه ڪڏهن انهن جي ڏُکن ۽ دردن جو ڪو ازالو ٿي سگهي. شايد ڪڏهن حڪومتي منصوبا بندين ۾ اهي به شامل ٿين، جيڪي انساني دماغ کي استعمال ڪرڻ ۽ سائنسي ترقيءَ مان لاڀ حاصل ڪرڻ سکن. شايد هِي معصوم روح اسان جي وطن کي ڪا اهم ايجاد ڏي وجهن. جيڪڏهن انهن کي صحيح سهولتن لاءِ حڪومتي سطح تي سنجيدگيءَ سان ڪوششون ٿين.