ڪرونڊي: گسٽا جي مرڪزي اڳواڻ محمد اشرف خاصخيلي سکر بورڊ پاران امتحاني فيس اوڳاڙي واري معاملي بابت پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته سنڌ حڪومت طرفان انٽر تائين مفت تعليم جو اعلان ٿيل آهي. سنڌ حڪومت پاران اعلان ٿيل آهي ته شاگردن کان ڪا به فيس نه ورتي ويندي. هن چيو ته لاڙڪاڻي بورڊ به امتحاني فيس ختم ڪري ڇڏي آهي. برساتن کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال باوجود فيس اوڳاڙي وئي ته هزارين شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳي ويندو. هن واضح ڪيو ته امتحاني فيس جي خاتمي تائين احتجاج جاري رهندو ۽ پوري سنڌ ۾ احتجاج جو سڏ ڏنو ويندو.