حڪومتي عوام دشمن فيصلا ۽ مسئلن کان لاعلم حڪمران

0
188
مھانگائيءَ جي ٻوڏ ۾ لڙھندڙ عوام ۽ تماشو ڏسندڙ حڪمران

 سنڌ ۾ حڪمران پارٽي جھڙي طرز حڪمراني ڪري رھي آھي لڳي پيو ته مستقبل ۾ ھو پنھنجي منشور اٽو، لٽو ۽ اجھو وارو نعرو تبديل ڪري ڇڏيندي، ڇو جو ھن وقت عوام ۾ نه اٽو خريد ڪرڻ جي سگھ آھي، نه وٽن لٽو آھي ۽ حڪومت جي نااھلي سبب ٻوڏ ۽ برسات جي نتيجي ۾ سنڌ واسين کان اجھو به کسجي ويو آهي. سنڌ اندر جھڙي حڪمراني ھلي رھي آھي اُن مان ته حڪمران جماعت جو منشور ڪرپشن، وڏيرڪي، ڀوتارڪي سوچ ۽ موروثي سياست کي ھٿي وٺرائڻ ھجڻ گھرجي، ڇو جو اھي سڀ شيون حڪمران جماعت جي چوڌاري گردش ڪري رھيون آھن. منھنجي چوڻ جو اِھو ھرگرز مطلب ناھي ته ڪرپشن صرف سنڌ ۾ آھي،

ملڪ جي ٻين صوبن ۾ به ڪرپشن آھي پر جھڙي طرح سنڌ کي اُڏوھي جيان ڪرپشن کاڌو آھي اِن جو مثال ملڪ جي ٻين صوبن ۾ نٿو ملي. چند آفيسرن کي ڇڏي باقي سمورا سرڪاري آفيسر توڙي ملازم رشوت، ڪميشن پنھنجو حق سمجھن ٿا. عوام به چڱي ريت سمجھي چڪو آھي ته کين رشوت ڏيڻ کان بنا ڪم ٿيڻو ئي ناھي، تنھن ڪري قانوني، جائز ڪم ڪرائڻ جي لاءِ به پھريان رشوت ۽ ڪميشن جو بندوبست ڪيو ويندو آھي. مٿين سطح تي وزيرن، مشيرن جا خاص چمچا اوڳاڙيءَ تي مقرر ٿيل ھوندا آھن. سنڌ اندر ڪھڙي طرح ڪرپشن جا نِت نوان طريقا ايجاد ڪيا ويا آھن اِن جي ھر ڪنھن کي چڱي ريت ڄاڻ آھي.  اِھو ھڪ وڏو موضوع آھي جنھن تي تمام گھڻو لکي سگھجي ٿو پر اڄ اِن سان ئي لاڳاپيل ھڪ اھم موضوع تي عوام جي ترجماني ڪرڻ جي ڪوشش ڪندس، جنھن تي اڳ ئي سنڌ حڪومت مٿان سخت تنقيد ٿي رھي آھي.

ھن وقت سنڌ ۾ ڪڻڪ ۽ اٽو مھانگو ٿيڻ بحث جو موضوع بڻيل آھي. اتفاق سان پ پ جو جي منشور جو اٽو ھڪ اھم حصو به آھي، حڪومت اھڙي وقت ڪڻڪ جي امدادي قيمت جو اعلان ڪيو جنھن وقت ڪڻڪ جي پوکائي به ناھي ٿي سگھي. جنھن وقت حڪومت کي برسات، ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ جوڳا قدم کڻڻ گھرجن ھا، اُن وقت ڏکايل، ستايل عوام جي اھنجن ۾ اضافو ڪيو ويو. جيڪڏھن توھان کي ھارين، آبادگارن جو ايڏو احساس ھو ته ايندڙ ڪڻڪ جي فصل جي پوکائي لاءِ کين ٻج، ڀاڻ، زرعي دوائون سميت ٻيون سھولتون مفت ڏيڻ، ورتل قرض معاف ڪرڻ سميت اِن قسم جا ڪافي ڪم ڪري سگھو پيا پر توھان جي کنيل قدم سان انھن ئي ھارين، آبادگارن ۽ عوام جي مشڪلاتن ۾ اضافو  ٿي ويو آھي. ھن وقت سنڌ سرڪار ۾ موجود وزير، صلاحڪار توڙي حڪومتي پارٽيءَ جا اڳواڻ وڏا وڏا زميندار آھن. ڪافي کي ته پنھنجون فلور ملز، شگر ملز سميت ٻيو وڏو ڪاروبار آھي،

جيڪڏھن اُھي سڌي ريت ڪاروبار سان لاڳاپيل ناھن ته اُھي پنھنجي فرنٽ مينن وسيلي ڪم ڪن ٿا. برسات ۽ ٻوڏ متاثر اڳ ئي دانھون ڪري رھيا آھن ته دنيا جي مختلف ملڪن مان آيل خيرات جو سامان به وڏيرا، ڀوتار ھڙپ ڪري ويا آھن، عدالتي ڇاپن ۾ به اِھا ڳالھه واضع ٿي آھي. عوامي رد عمل به اوھان جي سامھون آھي پر پوءِ به حڪمرانن جو پيٽ نه ڀريو ۽ پنھنجن کي وڌيڪ فائدو ڏيارڻ لاءِ ڪڻڪ جو اگھه 4000 روپيا في مڻ مقرر ڪري ڇڏيو، يعني اڻ سڌي طرح فلور مل مالڪن، ذخيرا اندوزن، منافعي خور تاجرن کي اشارو ڏنو ويو ته ڪڻڪ ذخيرو ڪري ڇڏيو. منھنجي خيال ۾ ھِتي اشاري وارو لفظ به حڪومت جي حمايت سڏبي ڇو جو وزير ۽ مشير انھن جا پنھنجا آھن تنھن ڪري ڪڻڪ جي قيمت مقرر ڪرڻ کان اڳ ئي انھن کي خبر پئجي وئي ھوندي ته حڪومت انھن جي فائدي لاءِ ئي سوچي رھي آھي. حڪومتي اعلان کان پوءِ ذخيرا اندوزن ڪڻڪ ذخيرو ڪري ڇڏي ۽ ڪڻڪ توڙي اٽي جا اگھه چوٽ چڙھي ويا.

حڪومتي اعلان کان اڳ ڪڻڪ 2100 روپين کان 2200 روپين ۾ في مڻ وڪرو ٿي رھي ھئي جيڪا ھن وقت 3600 روپين تائين في مڻ جي حساب سان وڪرو ٿي رھي آھي. ساڳي ريت اٽو 80 روپيا وڪرو ٿي رھيو ھو اُھو وڌي 120 روپيا في ڪلو وڪرو ٿي رھيو آھي. ڪٿي ڪٿي ته اِن کان وڌيڪ اگھه ۾ وڪرو ٿيڻ جا به اطلاع آھن، يعني اٽي جي ھڪ مڻ تي 1600 روپين کان وڌيڪ اضافو ٿي ويو آھي. اٽو مھانگو ٿيڻ جو ھڪ ٻيو به ڪارڻ اِھو ٻڌايو پيو وڃي ته ھن وقت تائين حڪومت فلور ملن توڙي اٽي چڪي وارن کي ڪڻڪ مھيا ئي ناھي ڪئي ۽ پھرين آڪٽوبر کان ڪڻڪ جاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. جيڪڏھن پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي ڳالھه ڪجي ته ٻنھي صوبائي حڪومتن طرفان پھرين جون کان ڪڻڪ جاري ڪئي پئي وڃي اُتان جي عوام کي اٽو سنڌ ۾ وڪرو ٿيندڙ اٽي جي قيمت کان ٻيڻ تي ملي رھيو آھي، سنڌ حڪومت 2200 روپين ۾ ڪڻڪ خريد ڪري اسٽاڪ ڪئي، ھاڻي ظاھر آھي 4000 روپيا ڪڻڪ جو اگھه مقرر ڪيو ويو آھي اِن ۾ به کين منافعو ٿيندو.

خوراڪ واري وزات ۾ ته عجب ڪرپشن جون غضب ڪھاڻيون موجود آھن. ڪڻڪ جي سيزن اچڻ کان اڳ آفيسرن جي مقرري، بارداڻي کان وٺي خريداري تائين ڪرپشن جا اگھه طئي ٿيل آھن، وري گودامن مان ڪڻڪ ڪيئن غائب ڪرائجي حڪومت کي ڪمال جي مھارت حاصل آھي. جيڪڏھن ڪو سمجھي ته آءٌ ڪڻڪ گم ڪرڻ واري مھارت جو اِھو الزام پيو لڳايان اُنھن جي لاءِ عرض آھي ته نيب مختلف وقتن تي مختلف گودامن تي ڇاپا ھنيا، مجموعي طور تي لکين ٻوريون غائب ھيون. ڪافي ھنڌن تي ته ڪڻڪ بجاءِ مٽي، بُهه سان ڀريل ٻوريون نيب کي مليون. ھڪ نه ڪافي خوراڪ کاتي جي ڪرپشن جا ريفرنس نيب وٽ ھن وقت به ھلندڙ آھن، ايتري حد تائين جو سائين سرڪار جيڪڏھن ڪنھن کي نوازڻ تي اچي ته اُن لاءِ خوراڪ کاتو به اھم ڪردار ادا ڪندو آھي. ڪنھن بااثر سياستدان جي ويجھي ماڻھو، فرنٽ مين کي اوڌر تي ڪروڙين روپين جي ڪڻڪ ڏئي ڇڏيندا آھن ۽ اُھا سرڪاري رقم واپس وٺڻ جو نالو ئي ناھي ورتو ويندو. اھڙيون ڪھاڻيون ته نيب جي جاچ کان پوءِ سامھون آيون ته سائين سرڪار جي چونڊيل نمائندن جي خاص ماڻھن طرفان ڪروڙن جي ڪڻڪ ته اوڌر تي خريد ڪئي وئي پر اُھا رقم سرڪار وٽ جمع ناھي ڪرائي وئي. جنھن کان پوءِ نيب گرفتاريون به ڪيون، خوراڪ کاتي ۾ ڪرپشن ڪندڙن کان ملين روپيا واپس ڪرائي سرڪاري خزاني ۾ به نيب طرفان جمع ڪرائڻ جون دعوائون ڪيون ويون آھن.

ميڊيا تي ته اِھا به ڇرڪائيندڙ رپورٽ سامھون آئي ته 40 ھزار ڪڻڪ جون ٻوريون گودام ۾ رکڻ جي لاءِ ساليانو 36 ڪروڙ روپيا ڪرايو ادا ڪيو ويو، يعني في ٻوريءَ جو ساليانو 9 ھزار روپيا ڪرايو ادا ڪيو ويو. اُن وقت ٻوريءَ جي قيمت شايد 2000 روپين کان به گھٽ ھئي، پر پوءِ به مجال آھي جو ايمانداري ۽ سچائي سان ڪم ڪجي. ھن سال ڪڻڪ جو ٽارگيٽ به وڏي مشڪل سان سنڌ حڪومت پورو ڪري سگھي آھي، گودامن جي صورتحال سڀني جي سامھون آھي تازين برساتن توڙي ٻوڏ سبب وڏي پئماني تي ڪڻڪ خراب ٿيڻ جا امڪان آھن. اِن ۾ به ڀوتارڪي حڪومت جو پنھنجو ضرور فائدو ٿيندو. سائين سرڪار جي ڳالھه ٿوري دير لاءِ مڃجي ته حد کان وڌيڪ برساتون پيون، ٺيڪ آھي توھان ڊرينيج جا نالا صاف نه ڪرائي سگھيا، توھان قدرتي لنگھه ايترو جلدي ۾ بحال نه پئي ڪرائي سگھيا، توھان کي ھٿ وٺي سنڌ کي ٻوڙي دنيا کان خيرات گھرڻي ھئي، اُھا خيرات به وڏيرن، ڀوتارن جي بنگلن ۾ لڪائڻي ھئي. گھٽ ۾ گھٽ سرڪاري خزاني مان وڏي رقم خرچ ڪري خريد ڪيل ڪڻڪ ته توھان محفوظ ڪرڻ لاءِ جوڳا قدم کڻي پئي سگھيا، پر ڪڻڪ محفوظ ھنڌ منتقل ڪرڻ يا اُن کي ڪنھن طريقي سان بچائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ سان حڪومت کي فائدو ڪو نه ٿئي ھئا. با اعتماد ذريعا ٻڌائن ٿا ته گودامن ۾ رکيل ڪڻڪ مان وڏي انگ ۾ ٻوريون غائب ڪيون ويون آھن جيڪي ھاڻي رڪارڊ ۾ برسات ۽ ٻوڏ سبب خراب ڄاڻايون وينديون. حقيقت اِھا آھي ته اسان جي سنڌ حڪومت ۾ ويٺل سياستدان واقعي وڏا ھوشيار آھن، جن جو دماغ پاڻ ڪيئن ٺاھجي لاءِ وڏو ڪم ڪندو آھي.

اڳوڻي وزير اعظم عمران خان واري دور ۾ مھانگائي خلاف عوام جي لاءِ مارچ ڪندڙ سياستدان ڪيڏانھن گم ٿي ويا آھن؟ ٽريڪٽر ٽرالين تي چڙھي مھانگائي نامنظور، عوام سان روڊن، رستن تي نڪرڻ توڙي انھن جي لاءِ جاکوڙ ڪرڻ جا کوکلا نعرا ھڻندڙ سياستدان ڇو ھن گھاٽي توڙي مھانگائي تي خاموش تماشائي بڻيل آھن؟ جن وٽ ڪرپشن جي ايتري ته دولت آھي جو کين اِھا به خبر ناھي ته ڪيتري آھي؟ اُنھن کي ڪھڙي خبر ته اٽو في ڪلو ڪيئن ٿو وڪامجي، انھن کي ڪھڙي خبر تي ھڪ ويلي جي ماني لاءِ پورھيت ڪيترين پريشانين مان گذري ٿو؟ انھن کي اِن ڳالھه جو به احساس ناھي ته ھڪ مزدور پنھنجي خاندان جي پيٽ جي بک اُجھائڻ جي لاءِ ڪيڏي جدوجھد ڪري ٿو پر اِن باوجود خاندان کي ٻن ويلن جي ماني کارائڻ کان به قاصر آھي!

پيٽ پالڻ ۾ پريشان پورھيت ٻچن کي صحت، تعليم جون بنيادي سھولتون ڏيڻ کان لاچار آھن. نام نھاد حڪمرانن کي احساس تڏھن ٿيندو جڏھن انھن جي ھٿ ۾ مزدور جي ڏھاڙي 500 روپين کان 800 ڏئي چئجي ته گھر جو راشن وٺي اچ، سڄو ڏينھن نٽھڻ اُس، گرميءَ ۾ پگھر وھائي حلال جي روزي ڪمائيندڙ پورھيت ھن وقت پريشان آھي. اِن سان گڏ پگھاردار طبقي جي پريشانين ۾ به اضافو ٿي ويو آھي پر افسوس آھي جو حڪومت کي ڏينھون ڏينھن سنگين ٿيندڙ صورتحال جو اندازو ئي ناھي. حڪومت کي گھرجي ته لاعلمي، لاپرواھي واري اگھور ننڊ مان سجاڳ ٿي پنھنجن ڪيل غلط فيصلن، کنيل قدمن تي نظرثاني ڪرڻ سان گڏ عوام کي کاڌ خوراڪ جون شيون سستي اگھن تي فراھم ڪرڻ جي لاءِ ھنگامي بنيادن تي قدم کڻي. ڇو جو بکن سبب ماڻھو مري رھيا آھن، ٻچن کي بک برداشت نه ڪندي اجتماعي ئي خودڪشين جا واقعا ٿي رھيا آھن، امڙ جي لاءِ سڀ ڪجھه ٻار ھجي ٿو اھڙي صورتحال ۾ پنھنجي جگر جي ٽڪر کي بک کان بچائڻ لاءِ پاڻ ماري ڇڏڻ تي امڙ مجبور آھي. جيڪڏھن حڪومتي ڌر سنجيدگيءَ سان قدم کڻندي ته جلد مھانگائي تي ضابطو آڻي سگھجي ٿو ڇو جو وڏا وڏا ڪاروبار انھن جي وزيرن، مشيرن جا ئي آھن.