حڪومتي جادونگري ۽ سياسي طوفان

0
212
ملڪ ۾”ويڙهايو ۽ حڪومت ڪريو “واري مهم !

             ملڪ ۾ سياسي صورتحال تمام گهڻي گرما گرمي جو شڪار ٿي وئي آهي، حڪومت جي باقي رهيل مدت جيئن تيزي سان گذري رهي آهي ته سرڪار جا حوصلا جواب ڏيڻ لڳا آهن ۽ هن پنهنجي ڪارڪردگي سڌارڻ ۽ خلق کي پنهنجو منهن ڏيکارڻ بدران عوام ۽ مخالف سياسي جماعتن تي لٺيون وسائڻ شروع ڪيون آهن. نه رڳو اهو پر هاڻي ته ملڪ جي آئيني ادارن تي پڻ ڪمدارن ۽ هارين واري هلت ڪرڻ لڳي آهي. تازي واقعي موجب، سينيٽ جي پارلياماني ڪاميٽي ۾حڪومت طرفان اليڪٽرڪ ووٽنگ مشين ذريعي عام چونڊون ڪرائڻ واري رٿا کي اليڪشن ڪميشن طرفان رد ڪرڻ ۽ اليڪشن جي چوري ٿيڻ واري نقطن ۽ ٻين 34 اعتراضن کي پارليامينٽ ۾ موڪلڻ ۽ سينيٽ جي ڪاميٽي ۾ پيش ڪرڻ ۽ سينيٽ ڪاميٽي ۾ پڻ ان جي رد ٿيڻ تي حڪومت جي بددماغ وزيرن طرفان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان خلاف غير آئيني طرز عمل اختيار ڪرڻ، غير اخلاقي، غير پارلياماني الزامن ۽ تهمتون لڳائڻ سان ملڪ ۾ هڪ وڏو ممڻ مچي ويو آهي. ائين معلوم ٿي رهيو آهي ته، شايد ايندڙ عام چونڊن ۾ حڪمران جماعت ۽ سرڪار کي عوام کان ووٽ وٺڻا نه هئا پر اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي ووٽن ذريعي ڪاميابي حاصل ڪرڻ ۽ حڪومت هٿ ڪرڻ جو ڪو وڏو منصوبو رٿيو ويو هو جيڪو عين وقت تي پڪڙجي پوڻ ڪري رد ٿي ويو آهي    .

             ٻئي پاسي، وفاقي سرڪار، پنجاب ۽ بلوچستان جي صوبائي حڪومتن جي گذريل ٽن سالن واري بي فيض حڪومتن جي لاحاصل ڪارڪردگي جي باوجود حڪومتن جو قائم رهڻ ۽ پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ (پي ڊي ايم) ۾ شامل جماعتن  مسلم ليگ نواز ۽ جي يو آءِ سميت 9 جماعتي اتحاد جي سورمن، پهلوانن ۽ سپرمينن تي اهي الزام لڳي ويا آهن ته هو سرڪار سان جيڪا ڊيل ڪري ميان نواز شريف کي جيل مان ڪڍرائي جهاز ۾ چاڙهي لنڊن موڪلي چڪا آهن ته هو ان کي پاڻي ڏئي رهيا آهن ۽ پنجاب ۾ ڦوڪ سان ڊهندڙ سرڪار ۽ وفاق ۾نالي ماتر اڪثريت واري رانديگرن جي حڪومت کي پڻ هٿ جي ترين جي ٽيڪ ڏيئي پنهنجو معاهدو نڀائي رهيا آهن ۽ ان طرح هن وقت تائين سرڪار جي سهولتڪار هئڻ واري پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وارن الزامن يا تهمتن کي درست ثابت ڪري رهيا آهن.

يقينن، جڏهن سموريون ڌريون پي ڊي ايم ۾ شامل هيون ته اسلام آباد طرف لانگ مارچ ڪرڻ جو اتفاق راءِ سان فيصلو ڪيو  ويو هو. ان وقت ملڪ ۾ ٿيندڙ ننڍين چونڊن ۾ مخالف ڌر جون جماعتون تمام وڏي تعداد ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ بعد سينيٽ آف پاڪستان جي چونڊن کي پڻ کٽي سينيٽ ۾ پنهنجي اڪثريت حاصل ڪري چڪيون هيون ۽ وزير اعظم عمران خان کي وري قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻو پئجي ويو .

          وزير اعظم عمران خان واري حڪومت، پي ڊي ايم جي لڳاتار پيش قدمي ۽ لانگ مارچ واري فيصلي سان  لوڏن ۾ اچي پئي سگهي، جڏهن سمورين اتحادي جماعتن کي لانگ مارچ جون تياريون ڪرڻيون هيون ته، مسلم ليگ ۽ مولانا ۽ سندن ٻيون هم خيال جماعتون خاموش رهيون ۽ لانگ مارچ شروع ٿيڻ کان ڪجهه ڏينهن اڳ عين وقت تي هڪ طرفو فيصلو ڪيو ويو ۽ حڪومت کان استعفي وٺڻ بدران حڪومت مخالف وڏي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي کي سنڌ حڪومت ۽ پارليامينٽ تان استعفائون ڏيڻ جو حڪمنامو ٻڌايو ويو، جنهن سان اتحاد ۾ بي اعتمادي ۽ نفاق پيدا ٿي ويو .

آخرڪار ! ڊيل کي پاڻي ڏيڻ يا حڪومت خلاف لانگ مارچ وارو ٿيل فيصلو روڪڻ لاءِ پي ڊي ايم اتحاد جي باني جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ان جي قيادت کي اتحاد مان ٻاهر ڪڍڻ واري منصوبي تي عمل ڪيو ويو. اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن پي ڊي ايم جي جماعتن نه لانگ مارچ ڪئي آهي ۽ نه ئي اسيمبلين جي سيٽن تان استعفائون ڏيڻ ضروري سمجهيو آهي.

سموري صورتحال مان هاڻي اهو معاملو صاف معلوم ٿي رهيو آهي ته، پي ڊي ايم نه صرف پهرين ڏينهن کان ميان ، مولانا ۽ سندن هم خيالن وٽ يرغمال ٿيل آهي پر اهي پنهنجي ڳجهي ڊيل جي ظاهر ٿيڻ جي ڊپ کان حڪومت مخالف جماعتن خاص طور تي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ عوامي نيشنل پارٽي جا ئي ترا ڪڍڻ ۽ انهن کان پنهنجا پراڻا پلاند آجا ڪرڻ لاءِ سندن پارلياماني طاقت، قومي اسيمبلي، سينيٽ آف پاڪستان ۽ سنڌ حڪومت جي خاتمي واري نسخي تي دليلن ۾ ناڪامي بعد  ڏنڊي جي زور تي عملدرآمد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جيڪا بروقت ظاهر ٿي وئي. هاڻي پي ڊي ايم واريون سپرمين جماعتون نه پارليامينٽ کي ڇڏين ٿيون ۽ نه ئي حڪومت خلاف ڪا بي اعتمادي واري رٿ پيش ڪرڻ يا ڪا تحريڪ هلائڻ يا پنهنجن هٿن ۽ پيرن تان مهندي لاهڻ لاءِ تيار آهن.

         ملڪ ۾ هاڻي سياسي صورتحال تمام گهڻي دلچسپ ٿيندي پئي وڃي،وقت کان اڳ ئي عام چونڊن وارو ماحول تيار ٿي رهيو آهي. جيئن جيئن مڪاني چونڊون ۽ عام چونڊن وارا امتحان  ويجها اچي رهيا آهن ته، حڪومتي ڌر کي پنهنجي ڪارڪردگي جا نتيجا سامهون اچڻ وارو خوف ورائي ويو آهي ۽ حڪمران جماعت پي ٽي آءِ ۽ ان جي اتحادين ۾ عوام آڏو پيش ٿيڻ ۽ پنهنجي ڪارڪردگي تي ووٽ گهرڻ ڏينهون ڏينهن مشڪل ٿيندو پيو وڃي. شايد اهو ئي سبب آهي جو عوام کان ووٽ حاصل ڪرڻ بدران اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن کان ووٽ وٺڻ تي وڌيڪ زور ڏنو ويو پر جيئن ئي انهن مشينن کي اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين واسطيدار سياسي جماعتن طرفان رد ڪيو ويو ته سرڪار جي هٿن جا سمورا طوطا ئي اڏامي ويا آهن .  هاڻي ته سرڪار کي پنهنجا فال ۽ تعويذ گنڊا ۽ ڌاڳا ڦيڻا پڻ بيڪار ٿيندي نظر اچڻ لڳا آهن. اهڙي صورتحال ۾ رانديگرن واري سرڪار جو مٿو ڦرڻ ۽ تعبيدار وزيرن جو مشتعل ٿيڻ  ۽ ڪپڙن مان ٻاهر نڪري وڃڻ يقينن، سمجهه ۾ اچڻ واري ڳالهه آهي.

        ٻئي پاسي، مخالف ڌر جي جماعتن ۾لاهوري شينهن ۽ پشاوري پهلوانن تي مشتمل اتحاد پي ڊي ايم کي پڻ وڏيون پريشانيون لاڳو آهن جو هڪ ته سندن ليڊر وڏو شينهن لنڊن ۾ لڪو ويٺو آهي ۽ سزائن کان ڇوٽڪاري واري ڪنهن به تسلي بخش حل ۽ اميد کانسواءِ ملڪ ۾ واپس اچڻ لاءِ تيار نه آهي. جنهن جا نتيجا مسلم ليگ نواز کي تازو آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ پڻ ڏسڻا پيا جو اتي جي حڪمران جماعت وڃي پٽ پئجي وئي آهي. هن کان اڳ گلگت بلتستان وارين چونڊن ۾ پڻ ساڳي صورتحال ٿي چڪي آهي.

هاڻي مسلم ليگ ن لاءِ پنجاب ۾ پڻ  تڏا ويڙهه جو سبب بنجڻ لڳي آهي. جنهن جي نتيجي ۾ مخالف ڌر جي هڪ ٻئي وڏي جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي سموري ملڪ ۾ تيزي سان پنهنجي چونڊ مهم هلائي رهي آهي ۽ ملڪ ۾ پنهنجيون سيٽون وڌائي رهي آهي. ملڪ ۾ ننڍين چونڊن ۾ پيپلز پارٽي طرفان سمورا قومي اسيمبلي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن تان ڪاميابيون حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ سينيٽ آف پاڪستان ۾ وڏي جماعت بنجي اڀرڻ ۽ گلگت بلتستان ۾ سمورين جماعتن کان به وڌيڪ ووٽ حاصل ڪرڻ بعد آزاد ڪشمير ۾ پڻ مسلم ليگ نواز جي حڪومت خلاف ڪامياب چونڊ مهم هلائي ان کي شڪست ڏئي چڪي آهي ۽ آزاد ڪشمير ۾ پنهنجين سيٽن جي اڳوڻي 5 ميمبرن واري تعداد ۾ اضافو ڪري 12 سيٽون حاصل ڪري ٻنهي ايوانن ۾ اپوزيشن ليڊر جا عهدا حاصل ڪري چڪي آهي.

      بيشڪ ! ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن جي تيارين جي حوالي سان پنجاب صوبو ڪنهن به جماعت جي حڪومت سازي لاءِ اهم مرڪز جي حيثيت رکي ٿو . حڪمران جماعت پي ٽي آءِ جي ڪارڪردگي ئي ان جي شڪست جو سبب بڻجندي نظر اچي رهي آهي . مسلم ليگ نواز پنهنجي قيادت جي بحران ۽ سياسي مونجهارن ۽ گروپ بندين ڪري عام چونڊون هارائي وڃڻ جي خوف ۾ مبتلا آهي. جڏهن ته ٽئين پاسي ، اڳوڻي حڪمران جماعت  پاڪستان پيپلز پارٽي  پنهنجي زيرڪ  نوجوان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾سموري ملڪ ۾سوڀون حاصل ڪندي تيزي سان اڳتي وڌي رهي آهي .

پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ ۽ بلوچستان ۾ مضبوط ٿيڻ بعد هن وقت پنجاب ۾پنهنجيون سرگرميون وڌائي ڇڏيون آهن. چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري هن وقت ڏکڻ پنجاب جي سرائيڪي خطي ۾ خيما کوڙي ويٺل آهي ۽ اتي جلسا ۽ تنظيمي سرگرميون تيز ڪرڻ ۾ مصروف نظر اچي رهيو آهي. جنهن لاهور، سيالڪوٽ ،راولپنڊي ۽  وچ پنجاب ۾ چونڊ مهم کان اڳ جلسا ۽ تنظيمي اجلاس طي ڪرڻ واريون سرگرميون پڻ شروع  ٿيڻ جا اطلاع آهن. ملڪ جي هاڻوڪي صورتحال ۾ حڪمران جماعت ۽ مخالف ڌر جي جماعتن ۾ پڻ  ڦرڦوٽ عروج تي آهي ۽ عام چونڊن لاء صف بنديون ۽ جٿا بنديون تيز ٿي رهيون آهن ڏسجي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ملڪ جو سياسي وايو منڊل ڪهڙو رخ ٿو اختيار ڪري ۽ حالتون ڪهڙي پاسي ٿيون وڃن ؟.