اسلام آباد: وفاقي وزير سردار اياز صادق ايم ايم اي جي ٽڪيٽ تي چونڊيل  جماعت اسلامي جي عبدالاڪبر چترالي کي اپوزيشن بينچن بجاءِ حڪومتي بينچن تي اچڻ جي دعوت ڏيندي اڻ سڌي طرح کيس مخالف ڌر جي بينچن تي ويهڻ تي نااهلي لاءِ ريفرنس جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي، ڪالهه قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران وفاقي وزير سردار اياز صادق ايم ايم اي جي ٽڪيٽ تي چونڊيل جماعت اسلامي جي مولانا عبدالاڪبر چترالي سان مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن اوهان لاءِ عوام اهم آهي ته حڪومتي بينچن تي اچو، اوهان جي پارٽي حڪومتي بينچن تي ويٺل آهي پر اوهان اپوزيشن جي بينچن تي ويٺل آهي، اوهان کي فيصلو ڪرڻو پوندو، حڪومت ۾ ويهڻ گهرجي، هن چيو ته ريفرنس تيار آهي پر مولانا چترالي سڀني جو دوست آهي ان ڪري ان خلاف ڪارروائي نه ٿي رهي آهي، پر اهو حڪومتي بينچن تي نه ويهندو ته ان خلاف ريفرنس اچي سگهي ٿو، ان بيان تي رد عمل ڏيندي مولانا چترالي چيو ته اگر مون خلاف ريفرنس تيار آهي ته آندو وڃي، مان ان ريفرنس جو جواب ڏيندس، مان سيٽ وڃڻ کان نه ٿو ڊڄان.