ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ)حڪومتي اعلان اڌورا رهجي ويا: اٽو 140 رپيا ڪلو تي پهچي ويو، وڌيڪ واڌ جا امڪان، ان ڏس ۾ ڪراچي جي مارڪيٽن ۾ برانڊيڊ اٽو 140 رپيا ڪلو يا 700 رپيا في  5 ڪلو جو ٿيلهو  ٿي ويو، جڏهن ته چڪي جو اٽو 130، فائن اٽو 125 ۽ اڍائي نمبر سادو اٽو 120 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو هو،  اٽي جي اگهه ۾ واڌ بابت  فلور ملز ايسو سيئشن جي صدر عامر چوڌري ۽ ڪراچي ريٽيل گروسرز ايسو سيئشن جي صدر فريد قريشي جو چوڻ هو ته  هڪ مهيني اندر ڪڻڪ جي 100ڪلو جي  ٻوري جو اگهه 1400 رپيا واڌ سان  7800 مان 9200 رپيا ٿي ويو آهي، جنهن سبب اٽي جي في ڪلو اگهه ۾ 24 کان 30 رپيا اضافو ٿيو آهي،  هڪ مهينو اڳ 82 رپين ۾ وڪرو ٿيندڙ اٽو  هول سيل ۾ 105 کان 106 ۽ ريٽيل ۾ 115 رپيا في ڪلو وڪرو ٿي رهيو آهي، هنن چيو ته سنڌ سرڪار پاران پهرين آڪٽوبر کان فلو ملز ۽ چڪين کي سستي ڪڻڪ جاري ڪرڻ جي صورت ۾ اٽي جي اگهه ۾ گهٽتائي جا امڪان آهن