حڪومتي اتحاد ۾ رهجي يا نه؟ اختر مينگل مشاورتي اجلاس سڏائي ورتو

0
248
حڪومتي اتحاد ۾ رهجي يا نه؟
حڪومتي اتحاد ۾ رهجي يا نه؟ اختر مينگل مشاورتي اجلاس سڏائي ورتو

اسلام آباد: حڪومتي اتحاد ۾ رهجي يا نه؟ بي اين پي سربراهه اختر مينگل پارٽي جو مشاورتي اجلاس سڏائي ورتو
بي اين پي جي مرڪزي ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي ٿيندو، اختر مينگل سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪندي چيو آهي ته موجوده رويي سان بلوچستان جا مسئلا حل نه ٿي سگهندا،
هن چيو ته اجلاس ۾ حڪومت سان اتحاد ختم ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فيصلو ڪيو ويندو
اختر مينگل چيو ته لاپتا ماڻهن جو مسئلو هجي يا قدرتي وسيلا، بلوچستان لاءِ ڪير سنجيده ناهي، وزيراعظم اسان جا خدشا ختم نه ڪيا ته اتحاد کان ڌار ٿي سگهون ٿا

هن کي به پڙهندا

17ڊسمبر تي اسيمبليون ٽوڙڻ جي تاريخ جو اعلان ڪندس:عمران خان