ڏوڪري (رپورٽ: راجا ٻگهيو) ڏوڪري ٽائون ڪاميٽي جي 5 وارڊن مان 3 وارڊن تي جي ڊي اي جا اميدوار ڪامياب ٿيا هئا ۽ هڪ وارڊ پيپلزپارٽي کي مليو. هڪ وارڊ پي ٽي آئي جي اميدوار جو نشان غلط الاٽ ٿيڻ سبب اليڪشن روڪي وئي هئي. ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين لاءِ جي ڊي اي جي پوزيشن مضبوط آهي، جڏهن تہ پيپلزپارٽي به ڀڄ ڊڪ شروع ڪري ڇڏي آهي. جي ڊي اي پاران چيئرمين لاءِ عبدالحميد جيسر ۽ وائيس چيئرمين لاءِ رهيل وارڊ واري اميدوار حبيب ﷲ کوکر جو نالو فائنل ڪيو ويو آهي. جڏهن تہ پيپلزپارٽي طرفان چيئرمين لاءِ فدا حسين گاڏهي جو فائنل ڪيو ويو آهي جڏهن ته وائيس چيئرمين لاءِ رهيل وارڊ تي اليڪشن ٿيڻ بعد نالو فائنل ڪيو ويندو.