لاهور(م ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته عماعت اسلامي جو منشور ملڪ ۾ اسلامي نظام لاڳو ڪرڻ آهي، اسلامي نظام سان وياجي نظام ۽ مهانگائي ختم ٿي ويندي. ڪارڪنن کي خطاب ڪندي هن چيو ته آئين موجب پاڪستان ۾ وياجي نظام نه هجڻ گهرجي. پاڪستان کي هلائڻ لاءِ معاشي ماهر گهرجن، ناڪامي پاليسي جي ڪري پاڪستان جو پاسپورٽ دنيا جو سڀ کان ڪمزور پاسپورٽ بڻجي چڪو آهي. هن چيو ته عام چونڊن کان اڳ سڌارا ضروري آهن، سڌارن کانسواءِ چونڊن جو ڪو به فائدو نه آهي، ملڪ تي اهي مڙهيل آهن جن انگريزن جو ساٿ ڏنو. هن چيو ته هنن جي ڪري 23 ڪروڙ ماڻهو آءِ ايم ايف جا قرضي آهن، آمريت هجي يا جمهوريت هي مفادپرست ٽولو اقتدار ۾ هوندو آهي. هن چيو ته شهباز شريف، آصف زرداري ۽ عمران خان ٻڌائي ته هيستائين هنن ڪهڙو ڪارنامو ڪيو. اسان جا حڪمران دشمن جي ايٽم بم کان وڌيڪ خطرناڪ آهن. لنگرخانا هلائيندڙ کي وڌيڪ موقعو ڏنو وڃي ها ته هو پاڳل خانا به ٺهرائي ڇڏي ها.