باڊهه (ن پ ا)حڪمرانو پنهنجا عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪريو، باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ لاءِ باڊهه تعلقا موومينٽ جي ڊپٽي ڪنوينرن زيب علي ساريو ۽ ڪامريڊ قادر بروهي جي اڳواڻي ۾ هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي پريس ڪلب کان ٽائون هال تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.  احتجاجي مظاهري ۾ باڊهه شهر جي مختلف مڪتبه فڪر سان سلهاڙيل شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ هاڻوڪي وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه مختلف وقتن تي باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيڻ جا واعدا ڪيا آهن جيڪي هينئر تائين وفا نه ٿي سگهيا آهن. باڊهه تعلقا موومينٽ جي جدوجهد کي 3 سالن جو عرصو مڪمل ڪري چوٿين سال ۾ داخل ٿي آهي ۽ باڊهه جي باشعور شهرين جا حوصلا پست نه ٿيا آهن پر باڊهه واسي جدوجهد ۾ اڳ کان به اڳرا آهن پر ايترو افسوس ضرور ٿئي ٿو ته باڊهه جي شهرين کان ووٽ وٺي ايوانن ۾ پهتلن شهر جي لاءِ ڪجهه به نه ڪيو آهي جنهن کي اسين ووٽ سان ناانصافي سمجهون ٿا. اڳواڻن چيو ته پنجاب ۽ بلوچستان جون اسيمبليون ٽٽي چڪيون آهن ۽ عنقريب عام چونڊون ٿيڻ واريون آهن ۽ انهن ساڳين حڪمرانن کي هڪ دفعو ٻيهر عوام وٽ اچڻو آهي تنهنڪري کين گهرجي ته هو باڊهه جي عوام سان باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏيارڻ وارو واعدو پورو ڪن ٻي صورت ۾ کين ووٽ ملڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر سندن رستا روڪ به ٿي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته باڊهه جا شهري پنهنجي شهر جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪوبه قدم کي سگهن ٿا. هنن پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ۽ مقامي چونڊيل نمائندن کان مطالبو ڪيو ته باڊهه کي تعلقي جو درجو ڏئي باڊهه واسين کي بنيادي حق ڏنا وڃن ٻي صورت ۾ جيستائين باڊهه کي تعلقي جو درجو نه ڏنو ويندو تيستائين هي جدوجهد جاري رهندي.