حڪمرانن مون کي گرفتار ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آهي: عمران خان

0
202

اسلام آباد روانگي دوران پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان چيو آهي ته حڪمرانن مونکي گرفتار ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو آهي، نواز شريف جو مطالبو آهي ته مونکي جيل ۾ وڌو وڃي ته جيئن چونڊن ۾ حصو نه وٺي سگهان

 عمران خان اسلام آباد روانگي دوران ميڊيا سان ڳالهيون ڪيون، هن چيو ته حڪمرانن جي بدنيتي ظاهر ٿي وئي آهي، آئون پهرين به اسلام آباد جي عدالت وڃي رهيو هو، منهنجي گهر تي حملو ڪرڻ جو مقصد عدالت ۾ پيش ڪرڻ نه، پر مونکي جيل ۾ وجهڻ هو

هن جو چوڻ هو ته لنڊن پلان جو حصو آهي ته مونکي جيل ۾ رکيو وڃي، مون کي خبر آهي ته گرفتار ٿي ويندس، پوءِ به عدالت وڃي رهيو آهيان، آئون قانون جي حڪمراني تي يقين رکان ٿو، چورن ۽ ڦورن جي ٽولي ملڪ ۾ جهنگ جو قانون مڙهي ڇڏيو آهي

هي به پڙهندا

لاهور پوليس جو زمان پارڪ ۾ آپريشن، گرفتاريون شروع