حڪمرانن عوام جي کيسي ۾ ڇڏيو ڇا آهي ؟

0
217
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

لڳي ٿو نه مهانگائي مان  جند ڇٽڻ جو ڪو آسرو آهي نه ئي وري حڪمران انهي مهانگائي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪي قدم کڻڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.حڪمران ته اڃا به عوام کي نپوڙڻ جي تياري ڪري رهيا آهن ۽ انهن آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ جو سڄو بار عوام تي ئي وجهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ روز روز جيڪي آءِ ايم ايف کي خاطريون ڪرايون پيون وڃن انهن ۾ رڳو عوام کان سهولتون واپس وٺڻ جون ئي خاطريون آهن.ڪڏهن بجلي جا اگهه وڌائڻ جي خاطري ڪرائي ٿي وڃي ته ڪڏهن سبسڊي واپس وٺڻ جي خاطري ڪرائي ٿي وڃي ته ڪڏهن پيٽروليم شين جا اگهه وڌائڻ جي خاطري ڪرائي ٿي وڃي ته ڪڏهن وري پيٽروليم ليوي وڌائڻ جي خاطري ڪرائي ٿي وڃي، مطلب ته ڪو اهڙو پاسو نه ڇڏيو ويو آهي جتان عوام کي ڪا سهولت ملي ۽ هو ساهه کڻڻ ۾ سولو ٿئي.

مسلسل مهانگائي کي منهن ڏيندڙ عوام ته ڄڻ آسرو ئي پلي ڇڏيو آهي ته ڪو ان جي گهٽجڻ جو امڪان به پيدا ٿيندو پر هتي ته مورڳو انهي عوام کي روز نيون خراب خبرون ٻڌايون پيون وڃن. اڃا ٻه ڏينهن مس گذريا آهن ته عوام جيڪو پيٽرول جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو آسرو رکيو ويٺو هو ان کي قيمتون وڌائي ڄڻ ته اهو ٻڌايو ويو ته هن حڪومت ۾ آسرو رکڻ “ٻٻرن کان ٻير” گهرڻ برابر آهي.عوام اڃا اهو ڌڪ ئي نه پچايو هو ته وري  اها خبر آئي آهي ته سيپٽمبر جي پهرين تاريخ کان پيٽروليم ليوي 10 رپيا وڌائي پئي وڃي جيڪو آءِايم ايف جو شرط هو ۽ ان کي خاطري ڪرائڻ لاءِ اهڙو ليٽر به موڪليو ويو آهي. چيو وڃي پيو ته پاڪستان  آءِ ايم ايف کي پيٽروليم صنعت تي ليوِي 50 رُپيا في لٽر تائين وڌائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آھي، آءِ ايم ايف ۽ پاڪستان ۾ ليٽر آف انٽينٽ تي اتفاق ٿيو آھي

ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرين سيپٽمبر کان پيٽرول تي 10 رُپيا ۽ ڊيزل تي 5 رُپيا ليوي وڌائي ويندي، ايندڙ مهينن ۾ به ليوي ۾ 5-5 رُپيا في لِٽر واڌ ڪئي ويندي،خبر موجب جنوري تائين پيٽروليم ليوي کي مرحليوار وڌائي 50 رُپيا في لٽر ڪيو ويندو، پاڪستان ليٽر آف انٽينٽ تي صحيحون ڪري آءِ ايم ايف ڏانهن اُماڻي ڇڏيو آھي.ٻه ڏينهن اڳ پيٽرول جي قيمت ۾ ذري گهٽ پوڻا ست رپيا في لٽر تي اضافو ڪيو ويو وري ڪجهه ڏينهن کانپوءِ 10 رپيا ليوي وڌائڻ سان پيٽرول جون قيمتون اڃا وڌي وينديون جڏهن ته 15 ڏينهن اڳ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جا اگهه گهٽ ٿيڻ ڪري رڳو ٽي رپيا في لٽر سستو ڪيو ويو هو جنهن جو ڪو خاص فرق نه پيو پر هاڻي ليوي ۽ قيمت گڏائي تقريبن 16 رپيا في لٽر واڌ ٿي ويندي جنهن سان مهانگائي جو اهڙو طوفان ايندو جنهن کي منهن ڏيڻ عام ماڻهو ته ڇا وچين طبقي ۽ سفيد پوش ماڻهن جي به وس ۾ نه هوندو. اسان جي ملڪ جو گهڻو ڪري گذر سفر جو وڏو وسيلو زراعت آهي پر هن سال جي برساتن سڄي ملڪ پر خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان ۾ زراعت ،چوپائي مال کي ڪاپاري نقصان پهچايو آهي جنهن ڪري اهي اڳ ۾ ئي معاشي طور ڪنگال ٿي ويا آهن جيڪڏهن پيٽرول جي قيمتن ۾ ايئن واڌ ٿيندي رهي ته اهي ڪجهه خريدڻ جي پوزيشن ۾ نه هوندا.ڇاڪاڻ ته پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ سان هر شيءَ جي اگهن ۾ واڌ اڻٽر ٿي ويندي آهي.

اسان سمجهون ٿا ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف کان قرض وٺڻ ايڏو ضروري هو ته گهٽ ۾ گهٽ ان سان ڳالهين ۾ عام ماڻهو کي ملندڙ سهولتون واپس وٺڻ وارو شرط نه مڃڻ کپي ها.قومي ناڻي تي بار بڻيل ٻيا خرچ به گهٽائي سگهجن ٿا،پر افسوس اسان وٽ اهو ڪلاس ئي حڪمران بڻيل آهي جيڪو پنهنجا خرچ گهٽائڻ بدران عوام تي بار وجهڻ سولو ٿو سمجهي.تنهن ڪري حڪمران عقل کان ڪم وٺن آخرڪار عوام کي ڪيترو نپوڙيو ويندو جن جي کيسي ۾ هاڻي هنن ڪجهه ڇڏيو ئي ناهي.