حڪمرانن جا رويا ۽ ترجيحون

0
162
حڪمرانن-جا-رويا-۽-ترجيحون

 مشهور ۽ پراڻي چوڻي آهي ته پراڻيون عادتون مشڪل سان ڇڏائبيون آهن. پاڪستاني حڪمرانن جو رويو اهو ئي ٻڌائي ٿو، ان جا اثر آفيسرن تي به ٿيندا آهن. ڪنهن به فرد، توڙي ڪنهن به حيثيت جو مالڪ هجي، جو رويو ان جي اوليتن ڱي پڌرو ڪندو آھي. پورو ملڪ برساتن ۽ ٻوڏ جي پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهي پر جڏهن گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي دوري تي آيو ته کيس يا وڊيو ڏسندڙن کي اهو ئي تاثر مليو ته پاڪستان ۾ سڀ ڪجهه “نارمل” (معمول جي مطابق) آهي.  سندس لاءِ ھڪ جڳھھ دوري جي موقعي تي ڳاڙها قالين وڇايا ويا. ڪنهن سبب جيئن وڊيو ۾ ڏيکاريو ويو، اهو انهن قالينن تي نه هليو پر اسان جو پرڏيهي وزير ۽ ٻيا عملدار ان تي هلندي نظر آيا. ان کان اڳ جڏهن اهو پاڪستان پهتو ته سندس آجيان ڪندڙن ۾ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر به هئي. حنا نمائش جي قائل آهي پر هن ڏٺو هوندو ۽ (شايد) سبق به ورتو هوندو ته گڏيل قومن جهڙي سڄي دنيا ۾ پنهنجي حيثيت رکندڙ وڏي  تنظيم جو سربراهه پنهنجو سوٽ ڪيس پاڻ ئي گهلي اچي رهيو هو.  ان کان هڪ يا ٻه قدم اڳيان حنا رباني هلي رهي هئي. ڇا اها معيوب ڳالهه نه هئي ته اوهان جي مصيبت جي وقت اوهان جي حالت جو جائزو وٺڻ لاءِ ايندڙ مهمان کان اوهان ٻه قدم اڳيان هلي رهيا هجو.  انهن سڄن معاملن جو دارو مدار روين تي هوندو آهي. پاڪستاني حڪمران ڪنهن به موقعي تي اهو ظاهر ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن ته انهن کي ٻوڏ متاثرن کي پيش ايندڙ صورتحال جي دلي تڪليف آهي.

حڪمرانن جي ترجيحن جو اندازو ان خبر مان لڳائي سگهجي ٿو ته بلوچستان جو وڏو وزير پنهنجي نالي سان ٿيندڙ هڪ فٽبال ٽورنامينٽ جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 6 ڪروڙ رپيا رليز ڪري چڪو آهي. ان ٽورنامينٽ ۾نه عوام کي فائدو ٿيندو، نه رانديگرن کي ڪنهن فائدي پهچڻ جو ڪو امڪان آهي، پر ماڻهو چون ٿا ته مخصوص بنگلن ۾ رهندڙ ڪجهه امير ماڻهن کي ضرور فائدو پهچندو. چيو پيو وڃي ته هن وقت بلوچستان اسيمبلي ۾ ڪا مخالف جماعت ناهي جو ان حوالي سان اسيمبلي ۾ آواز اٿاري. هن وقت سڄو بلوچستان ٻوڏ سبب ٻڏي چڪو آهي ٻوڏ متاثر بي يارو مددگار کليل آسمان هيٺ بک ۽ مفلسي ۾ زندگي گذاري رهيا آهن، انهن ماڻهن وٽ کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه ناهي، مختلف مرض ڦهلجي رهيا آهن، علاج جون ڪي سهولتون ناهن. متاثر انهن روين سبب يقينن ان شر انگيز پروپيگنڊه کان ضرور متاثر ٿيندا، جيڪا پاڪستان جي حڪومت خلاف مسلسل ڪئي ويندي آهي، پر قصور ڪنهن جو آهي؟

حڪمرانن ۽ عملدارن جي جسم تي موجود ڪپڙا ٻڌائين ٿا ته انهن جي لاءِ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، معمول جي ڳالهه آهي. ماڻهو ڇاتي ڇاتي، چيلهه چيلهه، گوڏي گوڏي تائين پاڻيءَ ۾ ٻڏل آهن. روڊ ڪناري ئي سهي اهڙيون جڳهون آهن، جتي اهي گهڙي ٻه گهڙي پنهنجي چيلهه سڌي ڪري سگهن ٿا پر ڏينهن ۾ اس ۽ رات جو مڇرن جو آزار اک ٻوٽجڻ جو موقعو ناهي ڏيندو. دنيا جهان مان جيڪي امدادي سامان آيو آهي، ان جا تفصيل اين ڊي ايم اي، پي ڊي ايم اي ظاهر نه ڪري سگهيا آهن. انهن جي تشهير ان لاءِ به ضروري آهي ته ماڻهن ۾ ڦهليل غلط فهمين کي ختم ڪري سگهجي. ماڻهن کي معلوم ٿي سگهي ته ڪٿي ڪٿي ڇا ڇا پهچايو ويو آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ جا سڀ علائقا  برسات ۽ ٻوڏ سبب متاثر ٿيا آهن پر تاثر ڦهلايو ويو آهي ته بلوچستان کي سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي. سنڌ وارا چون ٿا ته انهن جو سڀ کان وڌيڪ نقصان ٿيو آهي. سوات وارا هجن يا نوشهره وارا انهن جي دعويٰ آهي ته اهي سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن. نقصان ته نقصان هوندو آهي، گهٽ يا وڌيڪ جو بحث ڇو ڪيو وڃي. اهو بحث ماڻهن کي علائقائي بنياد تي ورهائڻ جي سازش ٿي سگهي ٿو. امدادي سامان جي ورهاست جي ذميداري ادا ڪندڙن کي گهرجي ته اهي ملندڙ سموري سامان جي اهڙيءَ طرح تشهير ڪن جيئن صوبائي حڪومتون يا وفاقي حڪومت ٻوڏ متاثرن کي پيش ايندڙ نقصانن جي تشهير ڪري رهيون آهن.

ڪمشنر ڪراچي اقبال ميمڻ ٻوڏ متاثرن ۾ امداد جي نالي تي ڪجهه بسڪيٽ جا ساشي پيڪ ۽ 2 ننڍيون پاڻيءَ جون بوتلون ورهايون آهن. سوشل ميڊيا صارفين وڊيو ۽ تصويرون سامهون اچڻ تي سنڌ حڪومت ۽ ڪمشنر ڪراچي کان عالمي امداد بابت معلومات گهري ورتي، سڄي دنيا مان آيل امدادي سامان ڪيڏانهن ويو؟ ڪنهن کي ڏنو ويو؟ سوالن جا انبار لڳي ويا. ٽوئيٽر تي ئي هڪ صارف ڪمشنر ڪراچي ۽ سنڌ حڪومت کان پڇيو ته اهو امدادي سامان ڪٿي آهي، جيڪو اڃا تائين سڄي دنيا مان 50 کان وڌيڪ جهازن ۾ ڀري ڀري پاڪستان پهچايو ويو آهي؟ قمبر شهدادڪوٽ جي سيشن جج زاهد حسين ميتلو ۽ سول جج عمران گاڏهي نصيرآباد ۾ پيپلز پارٽي جي هڪ اڳواڻ جي رائيس مل تي ڇاپو هڻي ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل 500 کان وڌيڪ ٽينٽ ۽ امدادي سامان جو ڪنٽينر تحويل ۾وٺي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ حاجي وزير ڦلپوٽو ۽ مل مالڪ صدام ديوان کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم به ڏنو. ڊسٽرڪٽ جج صاحب ضلعي جي مختلف تعلقن ۾ ڪارروايون ڪندي ٻوڏ متاثرن لاءِ آيل امدادي سامان به هٿ ڪيو هو. شهدادڪوٽ ۾ جڊيشل لاڪ اپ مان ٻوڏ متاثرن لاءِ 100 کان وڌيڪ ٽينٽ به هٿ ڪري ڊپٽي ڪمشنر جي حوالي ڪيا ۽ حڪم جاري ڪيا ته فوري طور تي اهي ٻوڏ متاثرن ۾ ورهايا وڃن. سڌ سماءَ وارن نمائندن سان ڳالهائيندي ڊسٽرڪٽ جج زاهد حسين ميتلو جو چوڻ هو ته قمبر انتظاميا ٻوڏ متاثرن کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي. قمبر جو ذڪر ئي ڇا، سنڌ هجي يا بلوچستان، هر جڳهه قمبر وارا عنصر ملن ٿا.

سوشل ميڊيا تي خاص طور سنڌ جي باري ۾ اهو بحث عام آهي ته حڪمران ۽ انهن جي ماتحت سرڪاري ملازم پنهنجون ذميداريون دل سان ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن. ان سان گڏوگڏ سنڌ ۾ وڏي وزير جي تبديلي جون خبرون عام ٿيون ته صوبائي صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوهو ترديد ڪئي ته وڏو وزير تبديل نه ٿي رهيو آهي. ڊاڪٽر صاحبه آصف علي زرداري جي ڀيڻ آهي. پر ڪوئي ڇا ٿو ڪري سگهي، جڏهن پيپلز پارٽي جي ناليوارو اڳواڻ سيد قائم علي شاهه، جيڪو سنڌ اسيمبلي جو ميمبر به آهي ۽ سنڌ جو ٽي ڀيرا وڏو وزير به رهي چڪو آهي، ان جي پٽ سيد اسد علي شاهه سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي تي سخت تنقيد ڪئي آهي ۽ ان کي حڪمراني جي ناڪامي قرار ڏنو آهي. اسد شاهه چارٽرڊ اڪائونٽنٽ آهي ۽ عملي سياست کان پري رھندو  آهي پر برساتن سبب  ٻوڏ ۾ اسد شاهه جو اباڻو ضلعو خيرپور جنهن نموني ٻڏو آهي، جنهن جي باري ۾ اسد جي ڀيڻ نفيسه شاهه، جيڪا قومي اسيمبلي جي ميمبر آهي ۽ پيپلز پارٽي جي سيڪريٽري اطلاعات آهي، چئي چڪي آهي ته “منهنجو خيرپور” ٻڏي ويو آهي. ڳالهه اها ناهي ته خيرپور ڇو ٻڏو يا وڌيڪ ضلعا ڇو ٻڏا، جواب ته اهو تلاش ڪرڻو آهي ته ان تباهه ڪندڙ طريقي سان ٻڏڻ جي ذميداري ڪنهن تي لاڳو ٿئي ٿي. وڪالت ۾ گهڻو ڪجهه چئي سگهجي ٿو، دليل تمام گهڻا ڏئي سگهجن ٿا. اهو به چيو ويو ته ماضي جي مقابلي ۾ برسات تمام گهڻي پئي آهي. اهو به چيو ويو ته نيڪال جا انتظام ٺيڪ نه هئا. سوال اهو آهي ته موسمي تبديلي ۽ وڌيڪ بارشون ٿيڻ جون خبرون ته تمام گهڻو اڳ کان ئي گردش ۾ هيون، پوءِ ضروري قدم وقت کان اڳ ڇو نه کنياويا.