شھدادپور (ن پ ا) شھدادپور ۾ ٻوڏ صورتحال بابت قومي عوامي تحريڪ طرفان حڪمرانن پاران ٻوڙيل سنڌ، عارضي ۽ مستقل حل جي عنوان ھيٺ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ قومي عوامي تحريڪ، جسقم، پ پ شھيد ڀٽو، ڀيل انٽلڪچوئل فورم ۽ ٻين پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي خطاب ڪندي ڊاڪٽر آتم ڀيل، خادم ڪٽوھڙ، عزيز باگراڻي، آزاد عمراڻي، ڪليم قريشي، جواد رند ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي حڪمرانن هتان جي ماروئڙن کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آهي، سنڌ سرڪار ھٿ وٺي سنڌ کي ٻوڙي عالمي ادارن کان مالي امداد وٺي ڪرپشن ڪئي آهي، هنن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي نالي تي نياڻين جي تذليل ڪئي پئي وڃي، جيڪو ناقابل برداشت عمل آهي، هنن چيو ته سنڌ جا ماڻهو ٻڏن پيا پر حڪمران عياشيون ڪرڻ ۾ پورا آهن، اڳواڻن مطالبو ڪيو ته ٻوڏ متاثرن کي ڪراچي ۾ پلاٽ ڏئي سندن رهائش جو بندوبست ڪيو وڃي.