حيدرآباد (بيورو رپورٽ)   حيسڪو گرڊ اسٽيشن تي مبينا حملو ڪري گرڊ جي انچارج ۽ ملازم کي مبينا اغوا ڪيو ويو جيڪي بعد ۾ ڊرامائي انداز ۾ بازياب ٿي ويا. حيسڪو جي پريٽ آباد  سب ڊويزن واري علائقي ۾ قائم سخي عبدالوهاب گرڊ اسٽيشن تي گذريل ڏينهن ڳوٺ گل محمد مگسي سان تعلق رکندڙ ڪجهه ماڻهن مبينا طور حملو ڪري عملي کي يرغمال بڻايو ۽ بعد ۾ گرڊ اسٽيشن جي انچارج طارق حيسن کتري ۽ ملازم علي نواز عمراڻي کي پاڻ سان گڏ وٺي ويا. معاملي تي حيسڪو ترجمان پاران ڊي آءِ جي پير محمد شاهه ۽ ڊي سي فواد غفار سومرو کان مدد طلب ڪئي وئي جنهن بعد ٻئي ملازم ڪجهه ئي دير ۾ واپس گرڊ اسٽيشن پهچي ويا. مبينا طور اغوا ٿيل ملازمن پوليس کي بيان ڏنو ته طاهر مگسي ۽ ڪجهه ماڻهو کين پاڻ سان گڏ وٺي ويا هئا جن ڳوٺاڻي حسين شاهه جي اوطاق تي ويهاري ڇڏيو جتان اوطاق جي مالڪ حسين شاهه پاڻ سان گڏ وٺي گرڊ اسٽيشن ڇڏي ويو آهي. هوڏانهن راهوڪي ٿاڻي جي پوليس گرڊ اسٽيشن جي ايس ڊي او عبدالهادي سومرو جي فرياد تي جوابدار طاهر مگسي ۽ حسين شاهه سميت 15 ڄڻن خلاف واقعي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ڪيس ۾ اغوا، حملي ۽ حراسان ڪرڻ جا قلم لاڳو ڪري ڇڏيا آهن. ايس ايڇ او راهوڪي خادم حسين ڀٽي ٻڌايو ته حيسڪو جا ملازم مبينا طور اغوا ٿيا هئا جن کي بعد ۾ اغوا ۽ الزام هيٺ آيل ماڻهن پاڻمرادو ڇڏي ڏنو هو. ايس ايڇ او موجب ته ڪيس داخل ڪرڻ بعد انهن هڪ جوابدار حسين شاهه کي گرفتار ڪري ورتو آهي. هوڏانهن حيسڪو ترجمان صادق ڪٻر جو چوڻ آهي ته حيسڪو پاران ڄاڻايل ڳوٺ ۾ غيرقانوني ڪنيڪشن ڪاٽا ڪري بجلي جون رهتون ادا نه ڪندڙ ڳوٺاڻن جي بجلي بند ڪري ڇڏي هئي جنهن تي مڇرجي انهن گرڊ اسٽيشن تي حملو ڪيو ۽ گرڊ اسٽيشن جي بجلي بند ڪرائڻ سان گڏ پريٽ آباد سب ڊويزن جي فيڊر لائيڊ چينل جي بجلي پڻ بند ڪرائي. حملي آورن حساس علائقي ۾ داخل ٿي سرڪاري ڊيوٽي ۾ مداخلت ڪئي ۽ عملي کي حراسان ڪندي يرغمال بڻائڻ بعد ٻن ملازمن کي اغوا به ڪيو.