حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ حيسڪو بجلي جون رهتون ادا نه ڪرڻ تي سنڌ ميوزيم جي بجلي ڪاٽا  ڪري ڇڏي. ٻن ڏينهن کان بجلي بند هئڻ سبب سنڌ ميوزيم جا تفريحي ماڳ ۽ آڊيٽوريم هال شهرين لاءِ بند ڪيا ويا آهن.حيسڪو ترجمان جو چوڻ آهي ته سنڌ ميوزيم کي بجلي جا مجموعي طور 15 ڪنيڪشن ڏنل آهن جنهن مان رڳو کين ٻن ڪنيڪشنن جي ادائگي ٿي آهي جڏهن ته باقي 13 ڪنيڪشن تي مجموعي طور 10 لک رپين کان وڌيڪ رهتون آهن جيڪي ادا نه ڪرڻ تي انهن سنڌ ميوزيم کي بجلي جي فراهمي بند ڪري ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ ميوزيم جي ملازمن واري ڪالوني ۾ رهائش پذير ملازم به سنڌ ميوزيم مان مبينا طور بجلي چوري ڪري استعمال ڪن ٿا جنهن ڪري انتظاميا به ملازمن مان تنگ ٿي چڪي آهي. هوڏانهن ٻڌايو پيو وڃي ته سنڌ ميوزيم جي بجلي جا بل صوبائي حڪومت پاران جوڙيل انرجي ڊپارٽمينٽ ادا ڪندو رهي ٿو پر هن ڀيري لاڳاپيل کاتي پاران سنڌ ميوزيم جون رهتون ادا ئي نه ڪيون ويون آهن جنهن ڪري حيسڪو ٻه ڏينهن اڳ سنڌ ميوزيم جي بجلي ڪاٽا ڪري ڇڏي آهي. بجلي جي رهتن جي ادائيگي ۽ سنڌ ميوزيم ۾ قائم تفريحي ماڳ بند ڪرڻ بابت ڊائريڪٽر ذوالفقار پنهور سان موبائيل فون ذريعي بار بار رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن فون اٽينڊ نه ڪيو.