ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ حيسڪول ۾ 54 ارب رپين کان وڌيڪ جي فراڊ واري ڪيس ۾ 16 جوابدارن جي 10-10 لکن عيوض ضمانت منظور  ڪري ورتي  جوابدارن ۾ طاهر علي، سليم بٽ، خرم شهزاد، نوابزاده اڪبر، ريما اطهر، وجاهت باقي، محمد سليم، سيد جمال، محمد علي، سيد حسن، طارق جمالي، محمد علي ۽ ٻيا شامل آھن، هن وقت سمورا جوابدار جوڊيشل رمانڊ تي جيل ۾ هئا، ايف آءِ اي موجب جوابدارن تي 54 ارب رپين کان وڌيڪ جي مالياتي فراڊ جو الزام آهي، نيشنل بينڪ جي اڳوڻن ۽ موجوده آفيسرن سميت 30 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي،