حيدر بخش جتوئي جي هارين لاءِ جدوجهد جي ڪٿا

0
184
ھولي- زرعي سماج جو ثقافتي پسمنظر رکندڙ تھوار

 ڪامريڊ جو دور سياسي جدوجهد جي حوالي سان ڏکيو هو. 10 آڪٽوبر 1955ع کان 28 نومبر 1969ع تائين ون يونٽ جو دور آهي. ون يونٽ خلاف جدوجهد عيوض ڪامريڊ  مسلسل جيل ياترائون ڪندو رهيو. ايوبي مارشلا ۾ ڪامريڊ ڪڏهن ريل ۾، ته ڪڏهن جيل ۾! ڪهڙي جيل جو درشن ڪامريڊ نه ڪيو. سکر، ساهيوال، ڪئمبلپور، ڪراچي، مڇ، حيدرآباد. جيل مان ڇٽي اچي ته گڏجاڻيون ڪندو هو ۽ جدوجهد جاري رهندي هئي! ڪامريڊ جلسا جلوس ڪرڻ، ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ  ۽ ٻيون تحرير، تقرير ۽ عملي طور هاري دوست سرگرميون جاري رکي ٿو. اخبار مواد نه ڇاپي ته پاڻ پيو پمفليٽ لکندو، ڇپائيندو ۽ ورهائيندو هو: سنڌ سان ناانصافي، سنڌ جي زمين جو حقدار ڪير، ون يونٽ ۽ جمهوريت، ڪراچي ۾ سنڌي ٻولي رهندي يا نه؟ ڊيموڪريسي اينڊ جسٽس آف چيف جسٽس سميت چاليھه کن پمفليٽ ڪامريڊ لکيا، جيڪي گهڻا تڻا انگريزي ۾ هئا. سرڪار پمفليٽن تي پابندي هڻي ڇڏي هئي. حق لکڻ جي پاداش ۾ سندس ڪيترائي شعر ۽ ڪتاب ضبط ڪيا ويا. سلام سنڌ_ جيئي سنڌ جي عنوان سان شعر لکڻ عيوض نظر بند ڪيو ويو.  اهو شعر اڳتي هلي نعري ۽ پوءِ تحريڪ ۾ تبديل ٿيو.

ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي هارين لاءِ انقلابي جدوجھد جو تاريخي پسمنظر آهي.

برطانوي سامراج نه صرف جاگيردارن جو طبقو پيدا ڪيو، پر انهن کي سياسي طاقت طور اُڀار ڏنو. 1793ع ۾ بنگال اندر پرمننٽ ري_سيٽلمينٽ ايڪٽ تحت زمين جاگيردارن جي ذاتي ملڪيت قرار ڏني  وئي، يعني مستقل رهائشي قانون زمين جي ذاتي ملڪيت جو حق ڏنو. انگريزن پنهنجي فرمانبردارن ۽ وفادارن کي تحفي طور زمينون ڏنيون. سنڌ ۾ جيڪو به بغاوت جي بجاءِ سلامي ڀري سرخرو ٿيو، انهن کي جاگيرون الاٽ ٿيون. ايئن ٽالپر، سيد، سوڍا ۽ بلوچ قبيلائي سردار انگريزن جا نظرياتي حامي هجڻ ڪري جاگيرن جا مالڪ ٿيا. حيدر بخش جتوئي انگريز بيٺڪيتي نظام خلاف به ٿي بيٺو هو.

سنڌ 1920ع کان 1936ع تائين بمبئي پريزيڊنسي جو حصو رهي. سنڌ ۾ بئراجن جي تعمير جي نتيجي ۾ ڌاري آبادڪاري ڪئي وئي. 1932ع ۾ سکر بئراج ٺهڻ سان ويھه لک ايڪڙ زمين ڌارين حوالي ٿي. جڏهن ته 1899ع ۾ جمڙائو واھه ٺهيو. ٻين صوبن مان ماڻهو لڏائي ڏيڍ لک ايڪڙ زمين ڌارين حوالي ڪئي وئي هئي.

هاري ايسوسي ايشين جو بنياد  1930ع ۾ ٽنڊي ڄام ۾ پيو. جمشيد نسروانجي، قادر بخش نظاماڻي، سائين جي ايم سيد، مسٽر گوڪلي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، جيٺمل پرسرام ۽ ڪامريڊ عبدالقادر ان تنظيم جو بنياد رکيو. ان جا بنيادي مطالبا هي هئا:

  1. اڌ بٽئي وارو نظام رائج ڪرڻ
  2. هارين جي زمين تان بي دخلي روڪڻ،
  3. سکر بئراج جون زمينون هارين کي ڏيارڻ

1936ع ۾ هاري ڪميٽي جو مرڪز حيدرآباد ٿيو. اڳتي هلي مختلف تنظيمن کي ضم ڪري ان جو نالو سنڌ هاري ڪميٽي رکيو ويو.

حيدر بخش (7 آڪٽوبر 1901ع کان 21 مئي 1970ع) ڊپٽي ڪليڪٽر هو. نوڪري ڪندي هن ڏٺو ته وڏيرا هارين جي پگهر تي پلجي مٿن ظلم ڪري رهيا آهن. حيدر بخش جي زماني ۾ وڏيرا هارين تي ڪتا بڇيندا هئا. ڳوڻين ۾ بند ڪري ماري ڇڏيندا هئا. هو هارين سان اتياچار تي خاموش ٿي نه ويٺو.

 1945ع ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر جي منصب تان سبڪدوش ٿي، حيدر بخش جتوئي هاري پورهيت ڪلاس لاءِ طبقاتي جنگ شروع ڪئي. هي هارين لاءِ مخلصاڻي جدوجهد شروع ڪرڻ لاءِ هاري ڪاميٽي ۾ شامل ٿيو.

حيدر بخش جتوئي هاري تحريڪ کي منظم ڪيو. ڪامريڊ ڪميٽي جي منشور ۽ تنطيم سازي ۾ ترميم ۽ اضافو ڪيو. سنڌ هاري ڪميٽي جي بيهڪ هن ريت هئي:

  1. ڪائونسل ( اسيمبلي)
  2. ايگزيڪيوٽو ڪميٽي (ڪابينا)
  3. ديھه ڪاميٽيون
  4. ڳوٺ ڪاميٽيون.

هن تنظيمي اسٽرڪچر مان پتو پوي ٿو ته ڪامريڊ سامهون هيٺين ڳوٺاڻي سطح تائين ڪم ڪرڻ جي ڪيتري نه اهميت هئي. اهو هاري ڪميٽي جي ڪامياب جدوجهد جو راز هو.

22 جون 1946ع ۾ جهڏي شهر ۾ آل سنڌ هاري ڪانفرنس ٿي. ان وقت اڌو اڌ بٽئي جي تحريڪ وڌڻ لڳي هئي. هاري ڪميٽي جا ورڪر جهنڊا کڻي کري تي پهچي ويندا هئا.

مائي بختاور ٽالهي اسٽيشن ( ديھه هيدو) ۾ هارياڻي هئي. بختاور هاري ولي محمد لاشاري  جي زال هئي. ڪڻڪ جي لاباري کانپوءِ بٽئي جو مرحلو هو. چوڌرين ڍڳا گاڏي تي اچي زبردستي ڪڻڪ کڻڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي بختاور ۽ ٻين هارين مزاحمت ڪئي. نتيجي ۾ چوڌرين گولين جا برسٽ هلائي مائي بختاور ۽ ڪجھه ٻين هارين کي شهيد ڪري ڇڏيو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي، ڪامريڊ غلام محمد لغاري، ڪامريڊ مير محمد ۽ ٻيا هاري اڳواڻ جاءِ واردات تي پهتا. شهيد جي ناحق خون تي اسماعيل خالد ۽ سعيد کي عمر قيد جي سزا آئي.

هارين جي حقن لاءِ حيدر بخش اسيمبلي ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪيو. 1946ع  جي عام چونڊن ۾ صوبائي اليڪشن لاءِ شهداد ڪوٽ مان سلطان احمد چانڊيو سامهون بيٺو، ۽ ڌانڌلين ذريعي کيس هارايو ويو.

ڪامريڊ قومي سوال تي واضح سماجوادي هو. ڪامريڊ حيدر بخش گڏيل هندوستان جي دور کان ڪميونسٽ پارٽي جو ميمبر رهيو. ڪانگريس ۽ ڪسان سڀا سان ڪن نقطن تي هاري ڪميٽي جو سياسي اتحاد هو. حيدر بخش جتوئي هندستان جي ورهاڱي جو مخالف هو. ڇو ته ڪانگريس نه صرف انگريز مخالف آزادي پسند پارٽي هئي، پر ساڳي وقت جاگيردار مخالف به هئي. جڏهن ته مسلم ليگ زميندار طبقي جي نمائنده جماعت هئي. لياقت علي خان سنڌ کي پناھگيرن جي آماجگاھه بڻايو. 1948ع تائين 55 لک پناھگير سنڌ ۾ آيا.

1950ع ۾ ڪوٽڙي بئراج تعمير ٿيو. چڪ ٺاهي، لاڙ جون لکين ايڪڙ زمينون ڌارين حوالي ڪيون ويون. هاري ڪميٽي مطالبو ڪيو ته سنڌ جون زمينون سنڌ جي هارين کي ڏنيون وڃن. هاري ڪميٽي جي جدوجهد جي نتيجي ۾ چوويھه ايڪڙ في هاري جي حساب سان هڪ لک ايڪڙ زمين هارين ۾ ورهائي وئي. ڪامريڊ جو هڪ ڪارنامو بئراجي علائقن: گڊو بئراج، ڪوٽڙي بئراج، سکر بئراج مکي ٻيلو جون زمينون هارين کي ڏيارڻ هو. پنجاھه لک جي لڳ ڀڳ زمين هارين کي ڏيارڻ سندس وڏو ڪارنامو آهي.

هاري ڪميٽي جي جدوجهد جي نتيجي ۾ 11 مئي  1950ع ڌاري سنڌ اسيمبلي مان سنڌ ٽيننسي ايڪٽ پاس ٿيو. بل پاس ڪرائڻ لاءِ لڳ ڀڳ پندرهن هزار هارين ڪراچي ۾ مارچ ڪري چوويھه ڪلاڪن لاءِ سنڌ اسيمبلي جو گهيراءُ ڪيو هو. بعد ۾ ايڪٽ ۾ ترميمون به ڪيون ويون.

ايوب خان ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ ٿيل زرعي سڌارن ۾ سنڌ هاري ڪميٽي جو اهم ڪردار آهي. 1958ع ۾ ايوب خان مارشل لا لاڳو ڪيو. 1959ع ۾ زرعي سڌارن لاءِ ڪميشن جوڙي وئي. ان پويان ڪارفرما مقصد هيءَ هو ته زرعي سڌارن جي نالي اهڙو پريشر وجهجي جو جاگيردار آمريت جي حمايت ڪن. جڏهن ته ذوالفقار علي ڀٽو جو اهم “ڪارنامو” وڏيرن ۽ زميندارن کي پيپلز پارٽي جو پليٽ فارم ڏيئي مچائي مواڙ ڪرڻ هو. سندس دورِ اقتدار ۾ بظاهر جاگيرداري جي خاتمي لاءِ زرعي سڌارن جو اعلان ٿيو. وڏيرا سندن ڇاڙتن ۽ رشتيدارن جي نالي کاتا ٺهرائي ٻنيون بچائي ويا. ايوب ۽ ڀٽي جي زميني سڌارن جو ڪو خاص اثر نه ٿيو.

حيدر بخش جتوئي “هاري حقدار” جو نعرو هنيو ۽ ان نالي سان سنڌي ۽ انگريزي ۾ اخبار جاري ڪيائين. هاري حقدار جو مطلب آهي هاري پيدوار جو حقدار آهي: جيڪو کيڙي سو کائي. ڪامريڊ هاري مزاحمتي سياست جو سگهارو ڪردار ٿي اڀريو.  هاري ڪميٽي جي موجودگي سبب زميندار هارين سان مناسب رويو اختيار ڪرڻ تي مجبور ٿيا. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي سياسي جدوجهد سنڌ جي سياسي تاريخ جو هڪ لازوال باب آهي، جيڪا مظلوم دوست سياسي دڳ جا مضبوط بنياد رکي ٿي ۽ تسلسل جوڙي ٿي.

[email protected]