حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ايڊيشنل آءِ جي حيدرآباد سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن تحت حيدرآباد رينج جي 169 ۽ سي ٽي ڊي جي 100 ڪامياب اسسٽنٽ سب انسپيڪٽرز ۾ مقررين جا آرڊر ورهايا. ڀٽائي نگر جي واحد بخش آڊيٽوريم ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر جميل احمد چيو ته پوليس جي نوڪري رڳو روزگار جو ذريعو نه آهي پر الله پاڪ طرفان لکين ماڻهن جي خدمت ۽ مظلومن جي داد رسي لاءِ ان ماڻهو کي پوليس جهڙو منصب ملي ٿو. هن چيو ته اميد ته ڪامياب ٿيل اميدوار پوليس ۾ عملي ڪم جو مظاهرو ڪري مثال بڻجندا. پوليس معاشري ۾ امن امان برقرار رکڻ ۽ شهرين کي تحفظ جو احساس ڏيارڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي. هن چيو ته پوليس ۽ عوام ۾ فاصلن کي گهٽائڻ لاءِ پوليس عملدار ڏوهن ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڀرپور ڪارروائي ڪن. تقريب ۾ ڊي آءِ جي شرجيل کرل، ايس ايس پي مٽياري آصف ٻگهيو، ايس ايس پي ڄامشورو جاويد بلوچ، ايس ڊي پي او سٽي علينه راڄپر، ايس پي ڪينٽ اياز حسين، ڊي ايس پي هيڊڪوارٽر نور القمر شيرواڻي ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.