حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي علائقي لطيف آباد نمبر 10 جي يونين ڪميٽي نمبر 135  جي مڪاني چونڊن ۾ چيئرمين جي سيٽ تي ڪاميابي جي دعويٰ ڪندڙ عمران شيرواني مطالبو ڪيو آهي ته کيس نتيجن ۾ هيراڦيري ڪري هارائڻ واري عمل جو نوٽيس وٺي رٽرننگ آفيسر خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران شيرواني ٻڌايو ته 15 جنوري تي ٿيل مڪاني چونڊن ۾ هن پ پ جي نامزد اميدوار نعمان شاهه جي 569 ووٽن جي مقابلي ۾ 604 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي. بعد ۾ پيپلزپارٽي جي مقامي قيادت کيس سندن پارٽي ۾ شامل ٿيڻ تي زور ڀريو. انڪار ڪرڻ تي سرڪاري مشينري جو استعمال ڪندي ٻيهر ڳڻپ ۾ هڪ پولنگ جي ووٽن جي ڳڻپ ۾سندس 55 ووٽ خارج ظاهر ڪري کيس هارايو ويو آهي. هن چيو ته اهو عمل ساڻس ناانصافي آهي ڇاڪاڻ ته اها سيٽ سندس کٽيل هئي ۽ هاڻي ڌانڌلي ڪري کيس هارايو ويو آهي. ھن اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سميت ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته سندس چونڊ نتيجن ۾ هيراڦيري جو نوٽيس وٺي ساڻس انصاف ڪيو وڃي.