حيدرآباد (بيورو رپورٽ) هٽڙي جي ڳوٺ شير محمد گوپانگ جي رهواسي عورتن، مردن ۽ ٻاڙرن گهر ڊاهڻ خلاف پريس ڪلب سامهون ٻئي ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي. دانش گوپانگ، مجاهد گوپانگ، بشير احمد گوپانگ ۽ ٻين مبينا طور الزام هنيو ته بااثر بلڊر علائقي واسي امتياز گوپانگ ۽ هٽڙي ٿاڻي جي پوليس سان ملي سندن هڪ درجن کان وڌيڪ گهر ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا آهن. هنن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ مامن ۽ ڀاڻيجن ۾ جهيڙو ٿيو هو. جهيڙي ۾ امتياز گوپانگ جي والده ۽ سندس ڀاءُ قتل ٿيو جنهن جي قتل ۾ سندن پري پري تائين ڪو تعلق نه آهي پر هٽڙي ٿاڻي جي پوليس امتياز گوپانگ جي چرچ تي سندن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آهي جڏهن ته بااثر بلڊر گهر خالي هئڻ سبب گهر ڊاهي زمين تي مبينا طور قبضي جي ڪوشش پيو ڪري هن چيو ته واقعي خلاف هٽڙي ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائڻ سميت ايس ايس پي کي به بااثر ماڻهن خلاف درخواستون ڏنيون آهن پر ڪو به سندن تدارڪ نٿو ڪري. هنن آءِ جي سنڌ سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته کين گهر ڊاهي بي گهر ڪندڙ بااثر شخص ۽ بلڊر خلاف ڪارروائي ڪري کين انصاف فراهم ڪيو وڃي.