حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي علائقي جي او آر ڪالوني ۾ بنگالي چوڪ وٽ قائم گيريج کي اوچتو باهه وڪوڙي وئي. باهه لڳڻ بعد گيريج ۾ پيل سيلنڊر به ڌماڪي سان ڦاٽي پيو جنهن بعد علائقي ۾ سخت خوف ۽ حراس پکڙجي ويو. اطلاع تي پوليس پهچي  فائربرگيڊ عملي کي اطلاع ڏنو. عملي باهه تي ضابطو آڻي ورتو پر باهه جي شدت سبب گيريج ۾ بيٺل هڪ ڪار ۽ رڪشا سميت ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو. جي او آر پوليس جو چوڻ آهي ته پريٽ آباد سان تعلق رکندڙ جميل لوهار نالي شخص جي گيريج کي باهه لڳي هئي. شروعاتي طور مالڪ جو چوڻ آهي ته باهه لڳڻ سبب سندس لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي پر مالڪ پاران گيريج کي باهه لڳڻ جو ڪارڻ ناهي ٻڌايو ويو. پوليس دعويٰ ڪئي ته هو معاملي جي هر رخ کان جاچ پيا ڪن.