حيدرآباد (بيورو رپورٽ) شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪاسائين گوشت جي اگهن ۾ پاڻمرادو واڌ ڪري ڇڏي آهي. ٻڌايو پيو وڃي ته ڪڪڙ جو گوشت هفتو اڳ 600 رپيا في ڪلو هو جنهن ۾ 150 رپين جي واڌ ٿيڻ کانپوءِ 750 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويو آهي. اهڙي ريت ٻڪر جو گوشت 1300 رپين مان وڌائي ڪاسائين 1700 رپيا في ڪلو ڪري ڇڏيو آهي. 400 رپيا ڇيلي جي گوشت تي وڌڻ کانپوءِ گوشت شهرين جي وٺڻ واري پهچ کان ئي پري ٿي ويو آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته وڏو گوشت هفتو اڳ 500 رپيا في ڪلو هو جيڪو 100 رپيا اضافي کانپوءِ هاڻي 600 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي. ڪڪڙ جو گوشت وڪرو ڪندڙ ڪاسائين جو چوڻ آهي ته کين زندهه ڪڪڙ مهانگي اگهه تي ملي رهي آهي جنهن ڪري مجبوري ۾ انهن به اگهه واڌئي ڇڏيا آهن. ڪاسائين جو چوڻ آهي ته ٻوڏ دوران لکن جي تعداد ۾ جانور مري ويا هئا. جانورن جي کوٽ سبب ٻاڪرو مال وڪرو ڪندڙ واپارين جانورن جا اگهه وڌائي ڇڏيا آهن ان کي نظر ۾ رکندي انهن به گوشت جي اگهن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. شهرين ڊي سي کان مطالبو ڪيو ته هو معاملي جو نوٽيس وٺي ته جيئن منافعي خور ڪاسائين خلاف اثرائتي ڪارروائي ٿيڻ سان گڏ کين سرڪاري اگهه تي گوشت فراهم ٿي سگهي.