حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد پوليس ٻن ڏينهن بعد نيٺ کنڀي گم ڪيل صنعتڪار ۽ سندس پٽ جي فراڊ ۽ ٻن بوگس چيڪ ڏيڻ وارن ڌار ڌار ڪيسن ۾ گرفتاري ظاهر ڪري کين عدالت ۾ پيش ڪيو،  عدالت کين ٻن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي سائيٽ پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. 29 سيپٽمبر تي حيدرآباد پوليس جي اعليٰ عملدار جي حڪم بعد سندس ٽيم ۽ سي آءِ اي پوليس اٽالن سان سائيٽ واري علائقي ۾ قائم شاپنگ مال تي چڙهائي ڪري پهرين منزل تي قائم ايڊمن آفيس ۾ موجود مال جي مالڪ سيٺ همايون برڪت ۽ سندس پٽ شهزاد همايون برڪت کي کنڀي پاڻ سان گڏ وٺي ويا. وارثن الزام هنيو ته پوليس کين بيگناهه کنڀي گم ڪيو آهي. گذريل ڏينهن سائيٽ ٿاڻي جي پوليس صنعتڪار ۽ سندس پٽ کي هڪ ڪروڙ ساڍا 19 لک رپين جي ٻن ڪيسن ۾ ظاهر ڪندي سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 3 زاهد چنا جي عدالت ۾ پيش ڪيو. پوليس ڪيسن جا تفصيل جمع ڪرائي رمانڊ گهريو. عدالت ٻاهران سندن وڪيل آيت الله خواجه دعويٰ ڪئي ته سائيٽ پوليس پاران صنعتڪار ۽ سندس پٽ خلاف داخل هڪ ڪيس ۾ ٻن بوگس چيڪن جو ذڪر ڪيو آهي پر پوليس عدالت ۾ چيڪ اهي پيش نه ڪيا آهن جڏهن ته سيٺ همايون ڪاروباري شخصيت آهي. پوليس کيس پٽ سميت گرفتار ڪري مٿن جڙتو ڪيس داخل ڪيا آهن. صحت کاتي جي اڳوڻي عملدار ڊاڪٽر هادي بخش جتوئي الزام هڻندي ٻڌايو ته شاپنگ مال جي مالڪ سيٺ همايون ۽ سندس پٽ شهزاد همايون ڪيترن ئي ماڻهن سان فراڊ ڪيو آهي جڏهن ته هاڻي مال ۾ دڪان بڪ ڪرائيندڙن کي ڪرايو به ادا نه ٿو ڪيو وڃي. واضح رهي ته سيٺ همايون برڪت ۽ شاپنگ مال جي انتظاميا خلاف ڪيترائي ڪيس لاڳاپيل عدالتن ۾ به هلندڙ آهن 50 کان وڌيڪ الاٽيز سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ به درخواست داخل ڪرائي ته انتظاميا کين ڪرايو ۽ پلاٽ دڪانن جا قبضا ڏيڻ لاءِ تيار نه آهن.