حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ مختلف ڌرين پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڌار ڌار احتجاج ڪيا ويا. آل پاڪستان فيڊريشن آف ٽريڊ يونين جي اڳواڻن عبدالطيف نظاماڻي ۽ رضا خان سواتي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته نادرا جي 750 ملازمن کي مرحليوار برطرف ڪيو ويو آهي جنهن جا 22 ڊائريڪٽر سڄي ملڪ ۾ ڪم ڪن ٿا انهن ۾ 18 کان وڌيڪ رٽائرڊ ڀرتي ڪيا ويا آهن. سنڌ جي ريجنن ڪراچي ۽ سکر جنهن ۾ 7 ريجنل هيڊڪواٽر آهن انهن مان هن وقت تائين 250 کان وڌيڪ ملازم برطرف ڪيا ويا آهن جڏهن ته ڪم ڪندڙ ريگيولر ملازمن کي ڊيڄاري ۽ ڌمڪايو پيو وڃي. واپڊا ۽ نادرا جي ملازمن سان ٿيندڙ ناروا سلوڪ بند ڪري کين يونين سازي جو حق ڏنو وڃي. ڪوٽڙي جي واپڊا ڪالوني جي رهواسي معذور نوجوان محمد آصف سرڪاري سطح تي علاج نه ٿيڻ خلاف احتجاج ڪيو. هن چيو ته 25 سالن کان معذوري واري زندگي گذاريان پيو. سڄي پاڪستان جي اسپتالن ۾ علاج ڪرايو آهي پر صحتيابي نه ملي آهي ۽ هاڻي مهانگائي سبب علاج نٿو ڪرائي سگهان. مڪي شاهه جي رهواسي سماج سڌارڪ عبدالخالق کوسو پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو ته ڪچي قلعي جي مختلف پاڙن، ڪالونين ۽ ڳوٺن ۾ منشيات جو واهپو عام ٿي ويو آهي، پوليس منٿلي وٺڻ سبب سندن خلاف ڪا ڪارروائي نٿي ڪري. ٽنڊو حيدر واسي ناري فرح ڀٽي تحفظ لاءِ مڙس بالاچ قاضي سان گڏجي احتجاج ڪيو. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ گهران نڪري بالاچ قاضي سان شادي ڪئي آهي جنهن بعد والدين موتمار ڌمڪيون پيا ڏين. تحفظ فراهم ڪيو وڃي.