حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ مختلف ڌرين پاران پريس ڪلب سامهون احتجاج جو سلسلو جاري رهيو. ڪنڊيارو ڀرسان ڪجهه مهينا اڳ بيدردي سان قتل ٿيل ناري شمائلا ڪوريجو جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ آل ڪوريجا ويلفيئر آرگنائيزيشن جي سڏ تي ميوو خان ڪوريجو، حاجي سلطان ڪوريجو، ذوالفقار ڪوريجو ۽ ٻين احتجاج ڪيو. هنن چيو ته ناري شمائلا ڪوريجو کي جوابدار علي نواز مهر 9 ڊسمبر 2022ع تي شادي تقريب دوران اغوا ڪري زبردستي شادي بعد قتل ڪري ڳوٺ ڀرسان لاش اڇلائي ڇڏيو هو ۽ اغوا بعد ناري جي واپسي لاءِ جوابدار ڌر 20 لک رپيا ڀنگ پڻ طلب ڪيو. علي نواز مهر سان گڏ اعظم مهر، ڪرم خان مهر ۽ مبارڪ مهر ناري جي قتل ۾ ملوث آهن پر پوليس کين گرفتار نٿي ڪري. حيدرآباد ۾ ريڊيو پاڪستان مان رٽائرڊ ٿيل ملازم محمد امين زنئور پينشن ۽ ٻيون مراعتون نه ملڻ خلاف ٻئي ڏينهن به احتجاج جاري رکيو. هن چيو ته 2 سال اڳ هو رٽائرڊ ٿيو آهي پر اڃا تائين ريڊيو پاڪستان جي انتظاميا کيس رهتن جي ادائيگي نٿي ڪري جنهن ڪري سندس گذر سفر مشڪل بڻيل آهي. چمبڙ جي ڳوٺ ونگي اوٺا جي رهواسين محمد علي بچايو، محمد صديق ۽ ٻين 6 مهينا اڳ قتل ٿيل ناري مهرالنساءِ جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته جوابدار ڌر بااثر آهي جيڪا ميڊيڪل رپورٽن توڙي ڪيس تي اثرانداز پئي ٿئي جنهن ڪري پوليس واقعي ۾ ملوث سندس سهري ۽ مڙس کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. هنن چيو ته ناري تشدد وگهي فوت ٿي هئي. آءِ جي سنڌ معاملي جو نوٽيس وٺي.