حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ميٺا رام ڪئمپس ۾ پڙهندڙ قانون جي شاگردن ڪنڊيارو ۾ شاگرد ثناءُ الله ڪلهوڙو جي گهر تي پوليس چڙهائي ۽ سندس ڀاءُ اويس ڪلهوڙو جي قتل واقعي خلاف ڪئمپس کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي شاگردن ڪنڊيارو پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي. مظاهرين چيو ته شاگرد ثناءُ الله ڪلهوڙو ٻئي سال جو شاگرد آهي. ساڻس ٿيل ناانصافي جو ازالو ڪيو وڃي ڇاڪاڻ ته واقعي ۾ ملوث غلام حسين ڪلهوڙو، علي شير ڪلهوڙو، سجاد، گلشير ۽ ٻيا بااثر ماڻهو آهن جيڪي شاگرد ۽ سندس خاندان کي خاموش رهڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون پيا ڏين جنهن ڪري شاگرد گهرڀاتين سميت ذهني اذيت ۾ مبتلا آهي. هن چيو ته واقعي کي 2 ڏينهن گذري ويا آهن پر ڊي ايس پي ڪنڊيارو ۽ ايس ايڇ او جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڪا به ڪارروائي نٿو ڪري جنهن ڪري معاملي جو آءِ جي سنڌ معاملي جو نوٽيس وٺي ته جيئن متاثر شاگرد ۽ سندس وارثن سان انصاف ٿي سگهي.