حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي بختاور ڪالوني واري علائقي ۾ 5 ڏينهن اڳ رولو ڪتن جي حملي ۾ زخمي  ٿيل نينگر جي حالت بدستور خراب آهي. 16 جون تي 10 ورهين جي نينگر عمران نديم گهٽي مان گذرندي رولو ڪتن جي حملي ۾ سخت زخمي ٿيو هو. رولو ڪتن نينگر جي منهن ۽ جسم تان گوشت پٽيو جنهن ڪري سول اسپتال ۾ علاج دوران کيس 50 کان وڌيڪ ٽاڪا لڳايا ويا آهن. ٻڌايو پيو وڃي ته ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد جي لاپرواهي سبب ڄاڻايل علائقن ۾ رولو ڪتن خلاف مهم شروع ناهي ڪئي وئي جنهن ڪري ڪتا معصوم ٻارڙن لاءِ موت بڻجي ويا آهن. متاثر نينگر جي وارثن مختلف سوشل ميڊيا گروپن ۾ ڪتي ڏاڙهيل نينگر جون تصويرون وائرل ڪيون آهن جنهن بعد سياسي سماجي اڳواڻن پاران ميونسپل ڪميٽي قاسم آباد جي عملدارن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو پيو وڃي. رابطو ڪرڻ تي قاسم آباد، ڀٽائي نگر ۽ نسيم نگر پوليس پاران نينگر کي ڪتي ڏاڙهڻ واري واقعي کان لاعلمي جو اظهار ڪيو پئي ويو.