حيدرآباد (بيورو رپورٽ) بلديا ٿاڻي جي حد ڦليلي موري وٽ واهه مان نوجوان جو لاش هٿ آيو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ ورتو ۽ ضروري ڪارروائي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو. بلديا پوليس جو چوڻ آهي ته ڦليلي واهه ۾ لاش لڙهندي ڏسي علائقي واسين کين اطلاع ڏنو جنهن تي انهن پهچي فوتي جو لاش واهه مان ڪڍرايو. پوليس جو چوڻ آهي ته لاش 35 سالن جي نوجوان جو لڳي رهيو آهي جنهن جي سڃاڻپ ناهي ٿي سگهي.