حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ڦرلٽ جا وڌندڙ واقعا روڪڻ لاءِ ايس ايس پي پاران ايگل اسڪوارڊ حيدرآباد نالي نئين فورس جوڙي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ايس پي هيڊڪوارٽر آفيس ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي جنهن ۾ ڊي آءِ جي پير محمد شاهه، ڊويزنل ڪمشنر نديم الرحمان ميمڻ ۽ ايس ايس پي امجد احمد شيخ شرڪت ڪئي. ايس ايس پي ايگل اسڪوارڊ بابت ٻڌايو ته ڄاڻايل فورس ان لاءِ جوڙي وئي آهي ته جيئن گهٽين، چوڪن توڙي انهن هنڌن تي ڏوهي سرگرميون روڪرائي سگهجن جتي پوليس جا جٿا يا موبائيل نٿيون وڃي سگهن. امجد احمد شيخ چيو ته ڄاڻايل فورس 125 موٽرسائيڪلن تي سوار ڦورن جي ناڪابندي ڪرڻ سان گڏ 15 پاران ملندڙ اطلاعن بعد فوري طور واقعي واري هنڌ پهچندي جتي ڦورن جي ناپاڪ ادارن کي ناڪام بڻايو ويندو. ايس ايس پي ٻڌايو ته ڄاڻايل فورس ۾ شروعاتي طور 80 ماڻهو کنيا ويا آهن جن کي الڳ جيڪٽ فراهم ڪيا ويا آهن ته جيئن سندن سڃاڻپ به نئين انداز ۾ ٿئي. ڊي آءِ جي پير محمد شاهه چيو ته ان کان اڳ 15 ۽ آر آر ايف جهڙيون فورسز قائم ٿيل آهن جيڪي پنهنجو ڪم ڪري رهيون آهن پر ڏوهارين پاران ڦرلٽ ۽ چورين جا واقعا نئين انداز ۽ مختلف طريقن سان ڪرڻ کانپوءِ ايس ايس پي ايگل اسڪوارڊ فورس جوڙيو آهي ته جيئن سندن ارادن کي مستقل بنيادن تي چڪنا چور ڪري سگهجي.