حيدرآباد (بيورو رپورٽ) شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم رڪجي نه سگهيو، قاسم آباد ۾ ڦورو ٺيڪيدار کي يرغمال بڻائي کانئس 25 لک رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن. ڀٽائي نگر ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته مقامي ٺيڪيدار عنايت علي پٽ عبدالحميد  ميمڻ قاسم آباد ۾ بئنڪ مان رقم ڪڍرائي علمدار چوڪ وٽ اسٽيٽ لائيف ڪالوني ۾ قائم پنهنجي گهر وڃي رهيو هو ته بئنڪ مان پيڇو ڪندڙ موٽرسائيڪل تي سوار چئن ڦورن سندس گهر جي دروازي تي روڪي ڪار مان لاهي هٿيارن جي زور تي ڦر ڪئي ۽ فرار ٿي ويا آهن.