حيدرآباد (بيورو رپورٽ) لطيف آباد ۾ ڌيءُ جي شادي لاءِ بئنڪ مان رقم ڪڍرائي گهر موٽندڙ واپاري کان ڦورو 11 لک  رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن. لطيف آباد يونٽ نمبر 6 جي رهواسي محمد ايوب پٺاڻ بي سيڪشن ٿاڻي پهچي رپورٽ داخل ڪرائي آهي ته 18 مئي تي هن نياڻي جي شادي لاءِ لاڳاپيل بئنڪ مان رقم ڪڍرائي ۽ گهر ڏانهن وڃي رهيو ته نرسري چوڪ وٽ موٽرسائيڪل تي سوار ٽن اڻڄاتل ڦورن کيس روڪيو ۽ هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي کانئس 11 لک رپيا ڦر ڪري ويا آهن. پوليس موجب شروعاتي طور متاثر شخص جي فرياد تي اين سي رپورٽ داخل ڪئي هئي پر معاملي جي جاچ کانپوءِ انهن ٽريڪٽر جو ڪاروبار ڪندڙ واپاري جي فرياد تي اڻڄاتل ٽن ڦورن خلاف ڪيس داخل ڪري سندن گرفتاري جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون آهن. متاثر شخص کان رقم ڦر ٿيڻ بعد سندس گهرڀاتي صدمي ۾ بيحال آهن ۽ خوفزده آهن ته جيڪڏهن ڦر ٿيل رقم واپس نه ملي ته سندن نياڻي جو رشتو ٽٽي ويندو.