حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ڊگھڙي واسين سميت مختلف ڌرين مطالبن جي مڃتا لاءِ  احتجاج ڪيو.  قاسم آباد جي ماروي ٽائون واري علائقي جي رهواسڻ ياسمين پنهنجي ٻارن سميت چيئرمين جي اميدوار علي حسن ملاح خلاف الزام هنيو آهي ته علائقي ۾ بجلي جي چوري سميت ٻين غيرقانوني ڪمن ۾ ملوث آهي.  بل توڙي غيرقانوني ڪنيڪشن استعمال ڪندڙ ماڻهن پاران پئسا نه ملڻ تي ڄاڻايل شخص سندن جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي.   ڊگهڙي جي علائقي لياقت آباد جي رهواسين نويد علي ڪمبوهه، شبانه، طلعت ڪمبوهه پنهنجي معصوم ٻارن سان گڏجي دانهيو ته ديهه 177 ۾ سندن ڏاڏي جي 23 ايڪڙ زرعي زمين، گهر، پلاٽ ۽ ٻي ملڪيت آهي جنهن مان سندس والد کي چاچا ذوالفقار، نثار، افتخار ۽ ٻيا حصو نه ٿا ڏين ۽  زمين جا کاتا تبديل ڪرائي سندن والد کي ملڪيت مان ئي بيدخل ڪري ڇڏيو آهي.  سماجي اڳواڻ رخسانه قائمخاني پريس ڪلب ۾ فريده خان، سفينه صفدر، عائشه انصاري، ريشمان ۽ سيما مرزا سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام هنيو آهي ته انساني حقن جي آڙ ۾ پاڻ کي سماجي اڳواڻ سڏرائيندڙ سڪندر لاشاري، روبينا انصاري نالي عورت سان ملي علائقي ۾ مبينا طور منشيات وڪرو ڪرائي رهيو آهي جڏهن ته ڄاڻايل شخص سماجي ڪمن جي آڙ ۾ عورتن کي مختلف طريقن سان بليڪ ميل ڪرڻ، هراسان ڪرڻ ۾ مشغول آهي. هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته عورتن کي بليڪ ميل ڪري ڪڌو ڪاروبار ڪرائيندڙ بااثر سڪندر لاشاري ۽ روبينا انصاري خلاف ڪارروائي ڪري متاثر عورتن کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.