حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ڊي ايس پي جي وڊيو وائرل ٿي آهي، جنهن ۾ سادا ڪپڙا پهريل ڊي ايس پي موبائيل مان لهي پورهيت تي تشدد ڪندي نظر اچي ٿو، ٻڌايو پيو وڃي ته ڄاڻايل وڊيو ڊي ايس پي حسين آباد پٺاڻ ڪاڪا جي آهي جيڪو گشت دوران هڪ پورهيت کي تشدد جو نشانو بڻائي سندس تذليل پيو ڪري، ڄاڻايل وڊيو 30 مئي آچر جي ڏينهن جي آهي جنهن تي شام جو ٽائيم به واضح طور تي نظر اچي ٿو، سوشل ميڊيا تي وائرل ڪندڙ وڊيو بابت لکيو پيو وڃي ته ڊي ايس پي حسين آباد پٺاڻ ڪاڪا سلام ڪندڙ دڪاندار کي چماٽون هڻي سندس تذليل ڪئي، ڄاڻايل دڪاندار قاسم آباد جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي، رابطو ڪرڻ تي ڊي ايس پي پٺاڻ ڪاڪا پنهنجي اخبار کي ٻڌايو ته شهر ۾ ڪورونا لاڪ ڊائون سبب دڪان بند ڪرائڻ دوران ڪنهن وڊيو ٺاهي هن کي غلط رنگ ڏنو آهي، جڏهن ته هن ڪنهن به پورهيت يا دڪاندارن جي تذليل نه ڪئي آهي، هو جاچ جي سلسلي ۾ ڄاڻايل تاريخن دوران پنجاب ويل هو.