حيدرآباد ۾ بيوٽي پارلر تي نوڪري ڪندڙ ناري مبينا دوست هٿان قتل، جوابدار گرفتار

0
487
سنڌ، بلوچستان دنگ وٽ مڙس هٿان زال بيدردي سان قتل
سنڌ، بلوچستان دنگ وٽ مڙس هٿان زال بيدردي سان قتل

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ڇرين جا وار ڪري بيوٽي پارلر تي ڪم ڪندڙ ناري کي مبينا دوست بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو، رات دير سان ڇرين جا وار ڪري قتل ڪيل ناري جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو

ڪوهسار واري علائقي ۾ رات دير سان ڇرين جا وار ڪري قتل ڪيل ناري جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتولا ناري اقرا ڌيءَ خادم مشوري جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو

مقتول ناري جي والد خادم مشوري جو چوڻ آهي ته ٽيڪسي هلائي گذر سفر ڪندو آهيان، نياڻي بيوٽي پارلر تي نوڪري ڪندي هئي

ناري جي والد جو وڌيڪ چوڻ هو ته اولڊ وحدت ڪالوني ۾ گهر سامهون غيور ڪليار رهي ٿو جنهن بابت نياڻي وڊيو بيان ڏنو ته کيس ان ڇريون هنيون، نياڻي وڊيو بيان بعد دم ڌڻي حوالي ڪيو، ظلم ڪيو ويو آهي، انصاف ڪيو وڃي

ٻئي پاسي ناري کي قتل ڪندڙ مبينا دوست کي پوليس طرفان گرفتار ڪيو ويو آهي، ڊي آءِ جي پير محمد شاهه  ناري اقرا مشوري جي بيدردي سان قتل واري واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، ترجمان موجب ڊي آءِ جي حيدرآباد ايس ايس  پي امجد احمد شيخ کان واقعي جي  رپورٽ طلب ڪئي آهي

هي به پڙهندا

صدر جي ڀٽيون ۾ ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي رپورٽر جي گهر تي حملو