حيدرآباد ۾ چونڊ سرگرميون: 23 يونين ڪاميٽيز جا چيئرمين بنا مقابلي ڪامياب

0
265
حيدرآباد ۾ چونڊ سرگرميون

حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) حيدرآباد ۾ 24 جولاءِ تي ٿيندڙ مڪاني چونڊن جون تياريون آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويون آهن، ضلعي جي سمورن حدن تي مشتمل حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي 9 ٽي ايم سيز جي 160 يونين ڪاميٽين مان 23 يونين ڪاميٽين جا چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن، جڏهن ته 117 جنرل ڪائونسلر به مختلف وارڊن مان بنا مقابلي ڪامياب ٿيا آهن

مجموعي طور 137 يونين ڪاميٽين تي 729 اميدوار چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي عهدن لاءِ چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن ۽ هڪ هزار 975 ڪائونسلر به مختلف وارڊن تي هڪٻئي جي سامهون مقابلي ۾ بيٺل آهن

مختلف يونين ڪاميٽين جي 3 وارڊن تي ڪنهن به اميدوار نامينيشن فارم نه ڀريو آهي، جنهن جي ڪري انهن 3 سيٽن تي به چونڊ نه ٿيندي، چونڊن لاءِ مجموعي طور هڪ ڊي آر او، 26 آر اوز ۽ 52 اي آر اوز مقرر ٿيل آهن

ضلعي جا 10 لک 79 هزار 293 ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري اميدوارن جي چونڊ ڪندا. انهن ووٽرز ۾ 5 لک 88 هزار 103 مرد ۽ 4 لک 91 هزار 190 عورت ووٽرز شامل آهن

چونڊن لاءِ ضلعي ۾ مجموعي طور 754 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون وينديون، جن ۾ 160 خالص مردن لاءِ، 161 خالص عورتن لاءِ، 425 گڏيل ۽ 8 پولنگ اسٽيشنون تنبو ۾ قائم ٿينديون

انهن پولنگ اسٽيشنن ۾ 2 هزار 342 بوٿ قائم ٿيندا جن ۾ هڪ هزار 223 بوٿ مرد ووٽرز ۽ هڪ هزار 119 بوٿ عورت ووٽرز لاءِ قائم ڪيا ويندا. پولنگ لاءِ 754 پرزائيڊنگ آفيسر، 754 سينيئر اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر، 3679 اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر، 2 هزار 346 پولنگ آفيسر ۽ 754 نائب قاصد مقرر ڪيا ويا آهن

ضلعي جي مختلف تڪن تي مجموعي طور 4 هزار 157 اميدوارن نامينيشن فارم ڀريا هئا جن مان ڪيترن ئي اميدوارن پاران هٿ کڻڻ ۽ فارم رد ٿيڻ کانپوءِ هاڻي مجموعي طور 2 هزار 706 اميدوار مختلف تڪن تي چونڊن ۾ حصو وٺي رهيا آهن. چونڊن جون سرگرميون انتهائي تيز ٿي ويون آهن ۽ مختلف جماعتن توڙي آزاد حيثيت ۾ بيٺل اميدوار پنهنجي پنهنجي حق ۾ ووٽرن سان رابطن ۾ رڌل آهن