حيدرآباد ۾ چونڊ سرگرميون: قاسم آباد ۽ ٽنڊي ڄام ۾ پ پ جا اڪثر اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيڻ جا امڪان

0
261
ميرپورخاص ۾ مڪاني چونڊ

حيدرآباد (رپورٽ: فيض کوسو) حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي 9 ٽائونز جي 160 يونين ڪميٽين تي ٿيندڙ چونڊن جي حوالي سان سرگرمين جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي

ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ کانپوءِ اميدوارن جي صورتحال واضح ٿيڻ شروع ٿي آهي.  ”پنهنجي اخبار“ کي مليل رپورٽن مطابق حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي ٽي ايم سي قاسم آباد جي يونين ڪميٽي نمبر 145 تي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين سميت چئني وارڊن تي پيپلزپارٽي سان تعلق رکندڙ اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿيڻ جو امڪان آهي

ڇاڪاڻ ته اتي ٻئي نهن به فارم نه ڀريا انهن جا نامزدگي فارم قبول نه ٿي سگهيا.  يونين ڪميٽي نمبر 145 تي چيئرمين جي عهدي تي پ پ جي عبدالقدوس چانگ ۽ وائيس چيئرمين جي عهدي تي عبدالجبار سولنگي فارم ڀريا.   سامهون ڪو اميدوار نه هجڻ ڪري سندن بنا مقابلي ڪاميابي جا چٽا امڪان آهن

  يونين ڪميٽي 145 جي وارڊ هڪ تي جنرل سيٽ لاءِ پ پ جي عبدالحڪيم خاصخيلي، وارڊ نمبر 2 تي ظهير احمد چنڊ، 3 تي سيد محمد علي شاهه ۽ 4 تي ريحان علي چانگ فارم ڀريا آهن

  انهن جي به بنامقابلي ڪاميابي جا امڪان ظاهر ڪيا پيا وڃن.. يونين ڪميٽي نمبر 148 جي وارڊ 2 تي جنرل سيٽ لاءِ پيپلزپارٽي جي عبدالقادر چندا ڀائي جي بن مقابلي ڪاميابي جو امڪان آهي

 ٽي ايم سي ٽنڊو ڄام جي يونين ڪميٽي 55 جي وارڊ هڪ تي پ پ جي شهزاد علي، وارڊ 2 تي پ پ جي شهزاد علي ولد مختيار، وارڊ 4 تي پ پ جي اقبال خاصخيلي سامهون اميدوارنه هجڻ ڪري بنا مقابلي ڪاميابي جو امڪان آهي

  ٽي ايم سي ٽنڊو ڄام جي يوسي 56 جي وارڊ 2 تي پ پ جي الطاف حسين، يونين ڪميٽي 57 تي چيئرمين لاءِ جان محمد مگسي ۽ وائيس چيئرمين لياقت علي خلاف به ڪنهن به نامزدگي فارم داخل نه ڪيا آهن

وارڊ نمبر 2 تي ٽي ايل پي جي صادق رشيد ولد عبدالرشيد، يونين ڪميٽي نمبر 59 جي وارڊ نمبر 2 تي جنرل ميمبر جي سيٽ لاءِ آزاد اميدوار امير الدين ولد گل الدين

يونين ڪميٽي نمبر 60 جي وارڊ نمبر 3 تي پي ٽي آءِ جي سڪندر علي ولد علي محمد وساڻ، ساڳي يونين ڪميٽي جي وارڊ نمبر 4 تي پي ٽي آءِ غلام حيدر ولد حبيب، يونين ڪميٽي نمبر 61 جي وارڊ نمبر 2 تي محبوب علي ولد محمد صديق، ساڳئي يونين ڪميٽي جي وارڊ نمبر 3 رضا محمد ولد رسول بخش، وارڊ نمبر 4 تي اختر علي ولد مختيار علي جي سامهون ڪنهن به اميدوار نامزدگي فارم داخل نه ڪرايا آهن

ان ڪري انهن اميدوارن جي به بنامقابلي ڪاميابي جا چٽا امڪان آهن، يونين ڪميٽي نمبر 62 جي وارڊ نمبر هڪ ۽ وارڊ نمبر 2 تي جنرل ميمبر جي سيٽ لاءِ ڪنهن به اميدوار نامزدگي فارم داخل ناهن ڪرايا ان ڪري انهن وارڊن تي مڪاني چونڊ نه ٿيڻ جا امڪان آهن

ٽي ايم سي ٽنڊو ڄام جي يونين ڪميٽي 63 جي وارڊ نمبر 4 تي به جنرل سيٽ لاءِ محمد اسلم خان ولد قاسم علي جي سامهون ڪنهن اميدوار نامزدگي فارم داخل نه ڪرايو

ان ڪري سندس بنا مقابلي ڪاميابي جا امڪان آهن. ساڳئي ٽي ايم سي جي يونين ڪميٽي نمبر 70 جي وارڊ نمبر 3 تي لياقت علي ولد عبدالغفور جي سامهون ڪو به اميدوار بيٺل نه آهي

ھي به پڙھندا

گهوٽڪيءَ ۾پ پ ايم پي اي آزاد اميدوارن جي چونڊ مهم تيز ڪري ڇڏي