حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ پوليس ٻن ڌار ڌار مقابلن ۾ هڪ ڄڻي کي هاف فراءِِ ڪرڻ سان گڏ ٻين ٻن جوابدارن کي به گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان ڏس ۾ حيدرآباد جي اي سيڪشن پوليس مبينا مقابلي ۾ هڪ جوابدار کي زخمي حالت ۾ سندس ساٿي سميت گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس کان 2 جوابدار فرار ٿي ويا. پوليس مطابق 4 شڪي ماڻهو هٿيارن سان اڪبري مسجد وٽ بيٺل هئا. پوليس کي ڏسي جوابدارن فائرنگ ڪئي.

جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار ڪاشف عرف ڪچو راجپوت زخمي ٿي پيو جنهن کي سندس ساٿي عبدالحميد عرف ڪلو انصاري سميت گرفتار ڪيو ويو. گرفتار جوابدارن وٽان موٽرسائيڪل ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا. سندن ٻه ساٿي موقعي جو فائدو وٺي فرار ٿي ويا. زخمي جوابدار کي سول اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي. ٻن جوابدارن خلاف مختلف ٿاڻن تي ڪيسن جو رڪارڊ به ظاهر ڪيو ويو آهي. پوليس مطابق ابتدائي طور گرفتار جوابدارن مختلف وارداتن جو اعتراف ڪيو. سندن نشاندهي تي ڦر ۽ چوري ڪيل 10 موٽرسائيڪلون هٿ ڪيون ويون آهن. جوابدار ڦر ۽ چوري ڪيل موٽرسائيڪلن جا اسپيئر پارٽس ڪڍي وڪرو ڪندا هئا.

هوڏانهن قاسم آباد پوليس سحرش نگر وٽ مبينا مقابلي ۾ ڦورو کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ايس ايڇ او اسلم پرويز ابڙي جو چوڻ آهي ته گشت دوران ڏوهه جي ارادي سان بيٺل چئن ڦورن سان ساڻن مقابلو ٿيو ۽ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 3 ڦورو فرار ٿي ويا جڏهن ته هڪ ڦورو عبدالقيوم ملاح کي اسلحي سميت گرفتار ڪيو ويو آهي.

ايس ايڇ او موجب ڦورو جو تعلق شهر مان ڦرلٽ ڪندڙ گروهه سان آهي جنهن شروعاتي طور مختلف هنڌن تي ٿيل وارداتن جو به اعتراف ڪيو آهي. سندس نشاندهي تي ساٿين جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. پوليس اهو به ڄاڻايو آهي ته انهن ٻي ڪارروائي ۾ منشيات فروش الطاف حسين مهر کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان وڏي مقدار ۾ چرس به هٿ ڪيو آهي.