حيدرآباد (بيورو رپورٽ) قاسم آباد جي ڪچي آبادي ۾ ڏيڍ سال اڳ پسند جي شادي ڪندڙ ناري کي ساڙي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. شهيد بينظير آباد جي رهواسي ظفر اقبال سولنگي جي فرياد تي ڀٽائي نگر پوليس سندس ڌيءُ فريده ناز جي قتل جو ڪيس اي ايس آءِ جي پٽ ۽ سندس زال سميت 5 ڄڻن خلاف داخل ڪيو. ڪيس ۾ فريادي ڄاڻايو آهي ته سندس ناٺي ربنواز سولنگي گهرڀاتين سان ملي معمولي ڳالهه تان 12 سيپٽمبر تي سندس ڌيءُ فريده ناز کي باهه ڏئي ساڙيو جيڪا زخمن جا سور نه سهندي 16 سيپٽمبر تي سول اسپتال ۾ فوت ٿي. فريادي ڪيس ۾ اهو به ڄاڻايو آهي ته سندس ڌيءُ اپريل 2021ع ۾ گهران نڪري سندس مائٽ نوشهروفيروز جي رهواسي ربنواز سولنگي سان پسند جي شادي ڪئي هئي، جنهن بعد هو ڪافي عرصي کان ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد ڪچي آبادي ۾ رهائش پذير هئا. پوليس جو چوڻ آهي ته ناري فريده ناز جي والد ظفر اقبال سولنگي جي فرياد تي سندس مڙس ربنواز سولنگي، والد اي ايس آءِ محمد يونس سولنگي، والده رضيه سولنگي، عبدالرحمان پٽ احمد سولنگي ۽ مسمات فرحانه سميت 5 ڄڻن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪري سندن گرفتاري لاءِ ڇاپن جو سلسلو شروع ڪيو ويو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته 12 آگسٽ تي ڄاڻايل ناري بابت سندس مڙس سول اسپتال جي انتظاميا کي آگاهي ڏني هئي ته هو گهر ۾ رڌ پچاءُ دوران گئس جي چلهي مان باهه لڳڻ سبب سڙي زخمي ٿي آهي پر هن زال جي وارثن کي ڄاڻايل واقعي بابت آگاهه نه ڪيو ۽ 16 سپيٽمبر تي زال جي فوت ٿيڻ بعد هو اسپتال مان پراسرار نموني گم ٿي ويو.