حيدرآباد (رپورٽ: امتياز کوسو) حيدرآباد جي سائيٽ واري علائقي ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان فائرنگ ۾ پورهيت محمد علي شيخ مارجي ويو. اطلاع تي سائيٽ پوليس پهچي مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو جتان بعد ۾ لاش سندس وارث کڻائي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته انڊس پهاڙي وٽ رهائش پذير پورهيت محمد علي پٽ عزيز الله شيخ صبح جو گهران دڪان تان سيڌو سامان وٺڻ لاءِ نڪتو ته سندس دوست رضوان عرف ڪتوبر پٺاڻ پسٽل جا سڌا فائر ڪري قتل ڪيو. پوليس موجب جوابدار کي پسٽل سميت گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪيو ويو آهي. پورهيت بابت ٻڌايو پيو وڃي ته سندس تعلق شڪارپور سان آهي. ڪافي عرصي کان ڄاڻايل علائقي ۾ رهائش پذير هو ۽ هو انڊس مل سامهون جوس وڪرو ڪري گذر سفر ڪندو هو. مارجي ويل پورهيت ۽ سندس قاتل بابت ٻڌايو پيو وڃي ته ٻئي پاڻ ۾ دوست آهن ۽ ٻه ڏينهن اڳ به پئسن جي ڏيتي ليتي تان منهن ماري ٿي هئي. پوليس واقعي جو ڪيس پورهيت جي ڀاءُ احمد علي شيخ جي فرياد تي داخل ڪري ڇڏيو آهي. پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته جوابدار کي اڄ رمانڊ لاءِ لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪري معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي جڏهن ته کين شروعاتي جاچ مان معلومات ملي آهي ته معاملو جهيڙي دوران پيش آيو آهي.