حيدرآباد (بيورو رپورٽ) ڦليلي جي ٽيون نمبر تلاءُ واري علائقي ۾ پ پ شهيد ڀٽو اڳواڻ جي نياڻي ٽڪ ٽاڪ ٺاهيندي  اتفاقي گولي لڳڻ سبب فوت ٿي وئي. ٻڌايو پيو وڃي ته 15 سالن جي طاهره عرف انعم سانگي پنهنجي ننڍي ڀاءُ ساجد سانگي سان ٽڪ ٽاڪ تي وڊيو پئي ٺاهي ته سندس ڀاءُ کان اتفاقي طور فائر ٿي ويو جنهن جي گولي لڳڻ سبب هو سخت زخمي ٿي پئي. پ پ ش ڀ جو پريس ترجمان اختر سانگي پنهنجي زخمي نياڻي کي علاج لاءِ سول اسپتال کڻائي پهتو پر هو رستي ۾ ئي فوت ٿي وئي. سول اسپتال جي انتظاميا پاران نينگري کي موت جي تصديق بعد سندس لاش بنا پوسٽ مارٽم جي وارث گهر کڻائي ويا. نينگري کي پراسرار گولي لڳڻ سبب موت وارو معاملو ميڊيا تي نشر ٿيڻ کانپوءِ ڦليلي ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهتي جتي پوليس پاران نينگري جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ چيو ويو پر سندس والد ۽ پ پ ش ڀ جي ٻين اڳواڻن پوليس کي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان روڪيندي سموري صورتحال بابت آگاهي ڏني. وارثن جي لکت ۾ بيان ڏيڻ کانپوءِ پوليس پاران نينگري جي لاش جو پوسٽ مارٽم نه ڪرايو ويو. رابطو ڪرڻ تي پ پ شهيد ڀٽو ضلعي جنرل سيڪريٽري سيد حسنين شاهه به واقعي جي تصديق ڪئي. ڦليلي ٿاڻي جي ايس ايڇ او نثار شاهه به تصديق ڪئي ته انهن جي نينگري جي وارثن سان ڳالهه ٿي آهي جن واقعي بابت اها ئي آگاهي ڏني آهي ته نينگري ٽڪ ٽاڪ ٺاهيندي اتفاقي گولي لڳڻ سبب فوت ٿي وئي آهي.