حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ مختلف ڌرين پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ پريس ڪلب آڏو ڌار ڌار احتجاج ڪيو ويو. ٽنڊو حيدر جي پيرسن رهواسي الله ڏنو اوڏ امداد نه ملڻ خلاف دانهيندي چيو ته سندن علائقو پاڻي هيٺ اچي ويو آهي جنهن ڪري هو بيروزگار بڻيل آهن جڏهن ته روڊ تي رهڻ باوجود ڪو به سندن مالي سهائتا نٿو ڪري جنهن ڪري بکون پيا ڪاٽين. ڪوٽڙي جي علائقي خانپور جي رهواسي حق نواز ابڙو پنهنجي پٽن احساس علي ۽ علي نواز سان گڏجي احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ڪمپني جي ورڪرز ساڻن فراڊ ڪيو آهي. هن چيو ته سندن انعامي اسڪيم مان 17 گرام سون جو سڪو نڪتو پر ڪمپني وارن کيس فراڊ ڪري هڪ گرام جو سڪو ڏئي ڇڏيو آهي جن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. وارهه جي ڳوٺ نوريز چانڊيو جي رهواسي محمود چانڊيو پنهنجي مائٽن سميت پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 7 آڪٽوبر تي انڊس هاءِ وي لمس يونيورسٽي ڀرسان رڪشي ڊرائيور ببلو مگسي موٽرسائيڪل کي ٽڪر هنيو نتيجي ۾ سندس ڀاءُ ابراهيم چانڊيو موقعي تي فوت ٿي ويو ۽ حادثي ۾ سندس والد حسين چانڊيو ۽ ڀاڄائي ارشاد خاتون زخمي ٿيا جن مان وڌيڪ هڪ زخمي سندس والد حسين چانڊيو چئن ڏينهن بعد دم ڌڻي حوالي ڪيو. ڄامشورو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آهي پر پوليس ڊرائيور ببلو مگسي کي گرفتار نٿي ڪري. مظاهرين اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي ساڻن تدارڪ ڪيو وڃي.