حيدرآباد (بيورو رپورٽ) لطيف آباد نمبر 8 ۾ هڪ عورت ڦاهو کائي پنهنجي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو. ٻڌايو پيو  وڃي ته 32 سالن جي عورت حنا زال محمد اصغر ڊپريشن جي مريضا هئي. هن گهر اندر پنکي ۾ لٽڪي پاڻ کي ڦاهو ڏنو جنهن سبب هو فوت ٿي وئي. اطلاع تي اي سيڪشن پوليس پهچي عورت جو لاش تحويل ۾ ورتو ۽ ڀٽائي اسپتال منتقل ڪيو. عورت جي وارثن جو چوڻ آهي ته مسمات حنا اڪبري گرائونڊ ۾ پيش آيل ٽرانسفارمر واري واقعي سبب سخت پريشان هئي ۽ هو اڪثر ابتيون سبتيون ڳالهيون ڪندي رهندي هئي. سندس ڀاءُ به 4 سال اڳ خودڪشي ڪري چڪو آهي. فوتڻ ٽن ٻارن جي ماءُ هئي. پوليس ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حالي ڪري ڇڏيو.